عوام ۽ عدالت کي مطمئن ڪرڻو پوندو

0
203
عوام ۽ عدالت کي مطمئن ڪرڻو پوندو

سنڌ ۾ ٻوڏ جيڪا تباهي آندي سا آندي پر ان کانپوءِ سرڪاري ،انتظامي ۽ ادارتي جيڪا تباهي آندي وئي اهي ڳالهيون آڏو اچڻ کانپوءِ  اهو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي ته ٻوڏ متاثر ڪهڙي عذاب مان گذريا هئا يا اڃا تائين گذري رهيا آهن.اڳ ۾ عام ماڻهو،مخالف سياسي سماجي اڳواڻ اهي دانهون ۽ شڪايتون ڪري رهيا هئا ته ٻوڏ متاثرن لاءِ سرڪار ڪجهه نه پئي ڪري يا انهن جي نالي تي جاري ٿيندڙ امداد ۾ غبن ڪيا پيا وڃن يا نقصان جا انگ اکر غلط ٻڌايا پيا وڃن پر هاڻي ته ڳالهه اچي سنڌ هائيڪورٽ تائين پهچي چڪي آهي جتي نه رڳو عدالت انهي تي ڳالهائي رهي آهي پر جيڪي انگ اکر سرڪاري طور پڌرا ڪيا ويا آهن اهي به سرڪاري دعوائن کي ڌوڙ ڪري رهيا آهن ۽ انهن انگن اکرن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته نه رڳو لاپرواهي ڪئي وئي آهي پر انهي امداد ۾ به غبن ۽ ڪرپشن ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ضلعي انتظاميا کان وٺي اتان جا مقامي چونڊيل نمائندا ۽ سياسي اڳواڻ شامل آهن.جنهن ڪري نه ٻوڏ متاثرن تائين رليف پهچي سگهيو نه انهن کي امداد ملي سگهي نه ئي انهن جي ڪا داد رسي ٿي سگهي. هن وقت تائين ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ انهن جي سار سنڀال نه لهڻ ۽ انهن جي لاءِ پهتل امداد جي درست نموني ورهاست نه ٿيڻ تي عدالت سڳوري به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.اسان وٽ اها روايت ٿي وئي آهي  ته انتظاميا يا سرڪار تيستائين ڪو ڪم صحيح انداز ۾ نه ڪندي آهي جيستائين کين ڪنهن عدالت جو ڊپ نه هجي.ان جا اڳ ۾ به کوڙ مثال آهن پر هاڻي ٻوڏ متاثرن جي رليف ۽ بحالي جو معاملو به عدالت ۾ پهتو آهي ۽ اتي جيڪي انگ اکر ظاهر ٿيا آهن انهن  مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڪيئن انهن ۾ غبن ڪيو ويو يا لاپرواهي ڪري ٻوڏ متاثرن کي انهي رليف کان پري رکيو ويو.سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سکر ڊويزن جي برسات متاثرن جي واهر ۽ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته هن مهل ڪروڙين ماڻهو تڪليف ۾ آهن انهن جون زندگيون خطري ۾ آهن انهن کي رليف ناهي ملي سگهيو. پي ڊي ايم اي عملدارن انڪشاف ڪيو ته 60 هزار کان وڌيڪ تنبو (خيما) غائب آهن، 4 هزار کان وڌيڪ برسات ۽ ٻوڏ متاثر ماڻهو مري ويا آهن جن مان رڳو 232 فوتين جي وارثن کي 10-10 لک روپيا معاوضو ڏنو ويو آهي. عدالت چيو ته هزارين خيما غائب آهن ڇو نه لاڳاپيل عملدارن خلاف چارج فريم ڪيو وڃي، متاثرن تائين امدادي سامان نه پهچڻ جون شڪايتون اچي رهيون آهن. جنهن بعد عدالت پي ڊي ايم اي کي امدادي سامان ۽ فوت ٿيندڙ ماڻهن ۽ بي گهر ٿيندڙ متاثرين بابت انگ اکرن واريون رپورٽون ڊپٽي ڪمشنرن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڊي جي پي ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي پيش ٿي 8 فيبروري تي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. اهي انگ اکر جيڪي پيش ڪيا ويا آهن اهي به سرڪاري يا پي ڊي ايم اي جا آهن. جڏهن سرڪاري انگ اکرن ۾ هزارين خيما غائب ٿيڻ ۽ فوتين جي وارثن کي امدادي چيڪ نه ملڻ جو انڪشاف ٿيل آهي ته باقي ٻوڏ متاثرن ڪيئن زندگي گهاري رهيا هوندا اهو سوچي هنيانءُ ۾ هٿ پون ٿا ته ڪيئن نه سرڪار ۽ انتظاميا ٻوڏ متاثرن جي زخمن تي پها رکڻ بدران انهن تي لوڻ ٻرڪيو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته  پي ڊي ايم اي ۽ سرڪار جي سستي ٻوڏ متاثرن جا سور ٻيڻا ڪري رهي  آهي جڏهن چار هزار فوتين جي وارثن کي  هن ڏکي صورتحال ۾ به سرڪار امدادي رقم ڏئي نه سگهي آهي ته پوءِ اها رقم ڪهڙي وقت انهن جي ڪم ايندي يا جيڪي خيما هن ٿڌ کان بچاءُ لاءِ استعمال ٿيڻا هئا ته  اهي  ڪيئن غائب ٿي ويا.اهي ۽ ان سميت ٻيا کوڙ سوال آهن جن جا جواب پي ڊي ايم اي ۽ سرڪار کي ڏيڻا پوندا ۽ عدالت ۽ عوام کي مطمئن ڪرڻو پوندو .