عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ نجي شعبن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون: وڏو وزير

0
246
عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ نجي شعبن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون: وڏو وزير
عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ نجي شعبن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون: وڏو وزير

ٽنڊو الهيار (ن پ ا) ڪراچي کان ٽنڊو الهيار پهتل سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان پروفيشنل ٽريننگ جي اداري سرگوڌيان جو افتتاح ڪيو ويو آهي

وڏي وزير مراد علي شاهه تقريب کي خطاب ۾ چيو آهي ته سرگوڌيان کي ٽيچرز ٽريننگ اڪيڊمي به قائم ڪرڻ گهرجي، اُن سان اسان کي بهترين استاد ملي سگهندا

وڏي وزير چيو آهي ته صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ عوام کي سهولت ڏيڻ لاءِ نجي شعبن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون

وڏي وزير  ڊي سي هائوس ۾ ٽنڊو الهيار جي وڪيل برادري ۽ سڄاڻ ڌُرين سان گڏجاڻي به ڪيون، ان دوران وڏو وزير انتظاميا ۽ پوليس کان ٽنڊو الهيار واقعي ۽ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان بريفنگ به ورتي

اجلاس ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو، امتياز شيخ، ڄام خان شورو، ڄام اڪرام ڌاريجو، سيد عباس شاهه ، منظور حسين وساڻ ۽ پ پ جي چونڊيل نمائندن شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، سيڪريٽري ورڪس عطا سومرو، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ نجم شاهه ۽ ٻين عملدارن ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني

ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان هر ضلعي جو دورو ڪري ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ضلعن ۾ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ سان اسڪيمن جي رفتار، معيار ۽ مسئلن جو پتو پوي ٿو

چيئرمين پي اينڊ ڊي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ضلعي ۾ اي ڊي پي تحت 53 اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن، 53 اسڪيمن مان 27 اسڪيمون نيون آهن اهي اسڪيمون 533.488 ملين رپين جي لاڳت سان شروع ڪيون ويون آهن

چيئرمين پي اينڊ ڊي چيو ته نئين اسڪيم لاءِ هن وقت تائين 190.13 يعني 36 سيڪڙو رقم جاري ڪئي وئي آهي، 1.5 ارب رپين جي لاڳت سان 26 منصوبن ڪم جاري آهي ۽ 19 اسڪيمن لاءِ 417.792 ملين رپيا جاري ڪيا ويا جيڪي ڪل فنڊز جو 95 سيڪڙو ٺيه آهي

سنڌ جي وڏي وزير پاران نئين اسڪيمن جي سست رفتاري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته نئين اسڪيمن تي ڪم تيز ڪيو وڃي ۽ وقت تي مڪمل ڪيو وڃي

 

ھي به پڙھندا

پنجاب ۾ هڪ به اهڙي اسپتال ڏيکاريو، جتي جيري، بُڪين ۽ ڪينسر جو علاج ٿيندو هجي:بلاول ڀٽو