عوام کي اڃا ڪيترو نپوڙيو ويندو؟

0
208
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

نه ملڪ جا سياسي معاملا ٿا سلجهن نه ئي وري معيشت ڪو پنهنجي پيرن تي بيهندي نظر اچي رهي آهي.ڪاروهنوار ته هلائڻو آهي ۽ انهي ڪاروهنوار کي هلائڻ لاءِ پئسن جي ضرورت پوي ٿي پوءِ بار بار قرض ورتو وڃي ٿو ۽ جيڪي قرض ڏيڻ لاءِ تيار ٿين ٿا انهن جي وري شرطن تي عمل ڪرڻ فرض ٿو بڻجي وڃي نه ته گاڏو اڳتي وڌندي نظر نه ٿو اچي.عوام آهي جيڪو مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي ۽ بيروزگاري جو واڳون نوجوانن کي ڳڙڪائي رهيو آهي.حڪمران آهن جيڪي عوام کي مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ۾ وري انهن کان ئي قرباني گهري رهيا آهن اها قرباني جيڪا ملڪ ٺهڻ کان وٺي عوام پنهنجي کيس مان ڏيندو رهيو آهي ۽ موٽ ۾ وري حڪمران يا اشرافيا انهي عوام جو خيال ڪرڻ بدران پنهنجي آسائشن،سهولتن ۽ پروٽوڪولن تي خرچ ڪرڻ ۾ پوري آهي.نه ملڪ جي معيشت پنهنجي پيرن تي ٿي بيهي،نه عوام کي سهولتون ٿيون ملن ۽ نه ئي وري عوام کان قرباني وٺڻ جو اهو سلسلو ختم ٿو ٿئي.هاڻي به وري اهي خبرون آهن ته عوام کي قرباني جو ٻڪرو بنائڻ لاءِ مني بجيٽ آڻڻ جو ن تياريون ڪيون پيون وڃن

 خبر اها آهي ته وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ عوام تي وڌيڪ ٽئڪس مڙهڻ جو اشارو ڏنو آهي،جڏهن ته  سفارتڪارن جي مراعتن تي ٽئڪس ڇوٽ، مراعتون بحال ٿي سگهن ٿيون ۽ آءِ ايم ايف سان جلد ايل او آءِ تي صحيحون ٿيڻ جو پڻ امڪان آهي حڪومت هڪ مني بجيٽ آڻيندي، جنهن ذريعي عوام کان 18 ارب رپين جا نوان ٽئڪس اوڳاڙيا ويندا، ذريعن موجب حڪومت آرڊيننس ذريعي مني بجيٽ آڻڻ جي تياري پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، آءِ ايم ايف کي مطمئن ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ اضافي ٽئڪس لڳائڻ تي غور ڪيو ويندو، حڪومت سگريٽ ۽ ٻيون شيون وڌيڪ مهانگيون ڪندي. واضح رهي ته موجوده حڪومت دعويٰ ڪئي هئي ته آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويو آهي، پر آءِ ايم ايف پاڪستان کي اڃا تائين رقم جاري ناهي ڪئي.هن حڪومت اچڻ شرط اهي ڳالهيون ڪيون هيون ته اڳوڻي حڪومت ايتري مهانگائي ڪري وئي هئي جو عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو هو، عوام کي سهولت ڏيڻ لاءِ اڳوڻي حڪومت جو خاتمو ضروري ٿي پيو هو جنهن جي ڪري بي اعتمادي جي رٿ آندي وئي .پر هن حڪومت اچڻ کانپوءِ لڳاتار جيڪو عوام تي بار وڌو آهي ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي.بار بار چيو پيو وڃي ته معيشت بهتري طرف وڃي رهي آهي پر ان جو فائدو عوام کي ڏيڻ بدران وري به مراعت يافته طبقي کي ڏنو پيو وڃي. حڪومت پنهنجا خرچ گهٽائڻ بدران وڌائي رهي آهي ۽ اضافي بار عوام مٿان اڇلائي رهي آهي. جڏهن معيشت جي حالت بهتر نه آهي ته پوءِ وزيرن جي ايڏي فوج ظفر موج رکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي .هن وقت  حڪمران اتحاد جي سمورين پارٽيز کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي دٻاءُ ۾ وزير اعظم شهباز شريف جي ڪابينا جو انگ وڌي 61 تائين پهتو آهي، وفاقي وزير وڌيڪ هُجڻ جي ڪري وزارتون کُٽي پيون آهن

عمران خان بطور وزير اعظم 52 رڪني ڪابينا ڇڏي هئي، شهباز شريف اعلان ڪيو هو ته پئسا بچائڻ لاءِ ڪابينا ۾ وڌيڪ واڌ نه ڪئي ويندي، پر شهباز پنهنجي اعلان تي عمل نه ڪيو ۽ ڪابينا ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. هوڏانهن جيڪي 18 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جو منصوبو آهي اهي ورتا ته عوام جي کيسي مان ويندا پر وري ٽئڪس ڇوٽ ۽ رعايتون  سفارتڪارن کي ڏنيون وينديون. مطلب ته اهي پئسا ورتا غريب عوام کان ويندا ۽ خرچ اشرافيا تي ٿيندا جنهن ڪري ئي اسان جي معيشت سدائين خساري ۾ آهي.

اسان سمجهون ٿا ته غريبن کان کسي اميرن تي خرچ ڪرڻ يا اشرافيا کي سهولتون ڏيڻ جي ڪري ئي ملڪي معيشت ڪڏهن به پنهنجي پيرن تي ناهي بيٺي ۽ نه ئي ڪڏهن بيهي سگهي ٿي،تنهن ڪري ضروري آهي ته حڪمران پنهنجي روش تبديل ڪن،اشرافيا ۽ اميرن وزيرن تي ٿيندڙ خرچ گهٽائي عوام جي کيسي تي بار وجهڻ بدران معيشت تي بار بڻيل وزيرن مشيرن جي فوج ظفر موج جو تعداد گهٽائين ۽ اشرافيا کي مليل ٽئڪس ڇوٽ ۽ رعايتون ختم ڪن جيئن عوام پنهنجي ٻن ويلن جو بندوبست ڪرڻ ۾ ته سولي ٿئي