اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گذريل پنجن سالن دوران بجلي بلن ذريعي پي ٽي وي فيس جي مد ۾ عوام کان 40 ارب 13 ڪروڙ 41 لک رپين جون وصوليون ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سنڌ صوبي جي شهرين کان پي ٽي وي فيس جي مد ۾ 5 سالن دوران 5 ارب 75 ڪروڙ 2 لک 4 هزار 81 رپيا بجلي بلن ذريعي پي ٽي وي فيس ذريعي اوڳاڙيون ٿيڻ جي تصديق، تفصيل موجب  سرڪاري ٽي وي (پي ٽي وي) توهان ڏسندا هجو يا نه پر پي ٽي وي کي هلائڻ لاءِ توهان کي بجلي بلن ذريعي پي ٽي وي فيس ادا ڪرڻي پوندي، حڪومت هر مهيني ملڪ اندر پي ٽي وي فيس جي مد ۾ بجلي بلن ذريعي هر بجلي صارف 35 رپيا وصول ڪري ٿي، “پنهنجي اخبار” وٽ موجود سرڪاري دستاويز ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سال2017-18 کان سال 2021-22ع تائين 5 سالن دوران ملڪ جي شهرين کان پي ٽي وي فيس جي مد ۾ بجلي بلن ذريعي مجموعي طور تي 40 ارب 13 ڪروڙ 41 لک 78 هزار رپيا وصول ڪيا ويا آهن، پي ٽي وي فيس جي مد ۾ سال 2017-18ع دوران 6 ارب 95 ڪروڙ 9 لک 56 هزار رپيا وصول ڪيا ويا، سال 2018-19ع ۾ 7 ارب 57 ڪروڙ 70 لک 78 هزار رپيا، سال 20219-20ع ۾ 7 ارب 39 ڪروڙ 9 لک، سال 2020-21ع ۾ 9 ارب 8 ڪروڙ 49 لک 31 هزار، سال 2021-22ع ۾ 9 ارب 13 ڪروڙ 3 لک 52 هزار رپيا وصول ڪيا ويا، جڏهن ته سنڌ صوبي ۾ بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين ذريعي سال 2017-18ع کان 2021-22ع تائين پنجن سالن دوران مجموعي طور تي 5 ارب 75 ڪروڙ 2 لک 4 هزار 81 رپين جون وصوليون ڪيون ويون آهن، پنجن سالن دوران حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي بجلي صارفين کان مجموعي طور تي 76 ڪروڙ 33 لک 98 هزار 317 رپيا وصول ڪيا ويا، سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي صارفين کان مجموعي طور تي 44 ڪروڙ 95 لک 32 هزار 417 رپيا پي ٽي وي فيس جي مد ۾ وصول ڪيا ويا، ڪي اليڪٽرڪ 4 ارب 53 ڪروڙ 70 لک 93 هزار 347 رپيا وصول ڪيا آهن، پنجن سالن دوران سڀ کان وڌيڪ پي ٽي وي فيس جي مد ۾ وصوليون ملتان اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي صارفين کان ڪيون ويون، جنهن جي ڪل رقم 8 ارب 42 ڪروڙ 75 لک 23 هزار 247 رپيا آهي، لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني 7 ارب 17 ڪروڙ 59 لک 24 هزار 931 رپيا، فيصل آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني 5 ارب 91 ڪروڙ 91 لک 28 هزار 500 رپيا، گجرانولا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي صارفين کان 62  ڪروڙ 21 لک 63 هزار 578 رپيا، اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي صارفين کان 5 سالن دوران 4 ارب 16 ڪروڙ 36 لک 45 هزر 729 رپيا، پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني 2 ارب 81 ڪروڙ 68 لک 10 هزار 262 رپيا، ڪوئيٽا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني 43 ڪروڙ 41 لک 79 هزار 593 رپيا بجلي بلن ذريعي پي ٽي وي فيس جي مد ۾ وصول ڪيا آهن.