اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ آءِ  ايم ايف وچ ۾ ورچوئل مذاڪرات جي تياري شروع ٿي وئي آهي، ذريعن مطابق آءِ ايم ايف کي مڃائڻ لاءِ حڪومت ڪوششون ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ 200 ارب رپين جي مني بجيٽ آڻڻ لاءِ آرڊيننس به تيار ڪيو ويو آهي، ناڻي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آرڊيننس ذريعي 100 ارب رپين جي ليوي ۽ 100 ارب رپين جي ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان گڏ ٻيا قدم به کنيا ويندا، آرڊيننس ذريعي نان فائلرز تي ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، ناڻي وزارت جي ذرين جو چوڻ آهي ته آرڊيننس جاري ٿيڻ کان پوءِ آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان جو دورو ڪندو، آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته مشن جي اچڻ کان اڳ ئي آرڊيننس لاڳو ڪيو وڃي، پيٽروليم مصنوعات تي سيلز ٽيڪس رٽيل پرائيس تي لاڳو ڪرڻ جي به تجويز آهي، ذريعن مطابق پيٽروليم ليوي جي شرح ۾ اضافو ۽ سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو وزيراعظم جي مشاورت کان پوءِ ڪيو ويندو.