عوام لاءِ اميد جھڙي آٿت، رليف اڃا بھ ڌائڻ گھرجي

0
161
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

مھانگائي،مصيبتن،تڪليفن ۽ آفتن جي ماريل عوام لاءِ گھڻي وقت کانپوءِ ڪا اھڙي خبر ملي آھي جنھن سان جيڪڏھن کڻي زندگي يا روزمرھ جي وھنوار ۾ وڏي ڪا تبديلي نھ بھ اچي پر ٿوري آٿت ضرور ملي ھوندي.لڳاتار خراب خبرون ٻڌڻ جي ھيراڪ بڻجي ويل عوام  لاءِ اھا خبر ھنيانءَ تي ڇنڊي برابر آھي .توڙي جو عوام کي مڪمل رليف ڏيڻ لاءِ اڃا بھ وڌيڪ ڪم ڪرڻ ۽ اھڙا قدم کڻڻ جي ضرورت آھي پر جيئن چوڻي آھي تھ“بک ۾ بصر بھ ڀلو”يا “جتي وڻ ناھي اتي ڪانڊيرو بھ درخت آھي”  وانگر ھي اعلان بھ عوام لاءِ انھن چوڻين جھڙو ئي آھي ۽ ٿي سگھي ٿو انھي اعلان سان سندن عام وھنوار ۾ ٽڪي پئسي جو فرق اچي وڃي.فرق ڪيترو بھ اچي پر اھا اميد پيدا ٿيڻ بھ سٺي ڳالھھ آھي تھ شيون بھتري طرف بھ وڃي سگھن ٿيون ۽ اھو اعلان ان بھتري ڏانھن وڃڻ جو اشارو ئي آھي جيڪا بھرحال بھتر  ڳالھھ آھي.

گھڻي وقت کان وٺي پيٽروليم شين جون قيمتون لڳاتار وڌي رھيون ھيون جنھن ڪري عام ماڻھو جو جيئڻ جنجال ٿي ويو ھو، ڇاڪاڻ تھ پيٽروليم شين جا اگھھ وڌڻ سان روزاني استعمال جي شين جا اگھھ پاڻمرادو وڌي ويندا آھن،مصيبت وري اھا جو اسان جھڙن معاشرن ۾ انھن اگھن تي نظر رکڻ وارو کاتو يا ادارو ھجڻ باوجود ڄڻ موجود ئي ناھي ۽ ھر ڪو پنھنجي مرضي جا اگھھ وڌائي ڇڏيندو آھي پوءِ اھي کائڻ پيئڻ جون شيون ھجن،سبزيون يا فروٽ ھجي يا وري ٽرانپسورٽ جا ڪرايا ھجن،انھن جون قيمتون ھيٺ مٿي ڪرڻ لاءِ ڪو مڪينزم ئي نظر نھ ايندو آھي صبح جو ڪرايو ھڪڙو ھوندو آھي تھ شام جو وري ٻيو،صبح جو کير جو ڪلو ھڪڙي اگھھ تي ملندو تھ شام جو ان جو اگھھ ئي ٻيو ھوندو پر مجال آھي جو ڪير انھن خلاف ڪارروائي ڪري. تنھن ڪري جڏھن بھ پيٽرول جي شين جا اگھھ وڌندا آھن تھ ٻي ھر ڪنھن شيءَ جي قيمتن کي بھ پر لڳي ويندا آھن.عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگھھ گھٽ ٿيڻ باوجود اسان وٽ انھي حساب سان اگھھ گھٽ نھ ٿيا ڇاڪاڻ تھ ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جو اگھھ بھ مسلسل لاٿ جو شڪار ھو جنھن کي بھ ڪجھھ ڏينھن پھرين استحڪام مليو آھي مطلب تھ ڪجھھ ڏينھن کان شيون بھتر ٿيڻ جا اشارا ملي رھيا آھن.ٻھ ڏينھن اڳ آخرڪار موجوده اتحادي حڪومت کي مهانگائي جي عذاب کي منهن ڏيندڙ عوام کي ڪجهه رليف ڏيڻ جو خيال اچي ويو آھي، وفاقي حڪومت پيٽرول جي في ليٽر قيمتن ۾ 12 رپيا 63 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ 12 رپيا 13 پئسا، گاسليٽ جي في ليٽر تي 10 رپيا 19 پئسا، لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ 10 رپيا 78 پئسن جي گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نيون قيمتون ڪالھھ يعني پھرين آڪٽوبر کان لاڳو ٿي ويون آھن.ڪجھھ ڌريون انھي فيصلي کي بھ سياسي طور ڏسي رھيون آھن تھ عالمي منڊي ۾ گھڻو وقت اڳ تيل جون قيمتون گھٽ ٿيون ھيون پر ھتي ناڻي جي نئين وزير جو انتظار ڪيو پئي ويو تھ جيئن ھو اچي ان جو اعلان ڪري تھ حڪمران جماعت کي ان جو سياسي فائدو ٿئي، سبب ڪھڙو بھ ھجي پر عوام کي رليف ملڻ خود ھڪ بھتر ڳالھھ آھي جيڪو گھڻو وقت اڳ ملڻ گھرجي ھا.

اسان سمجھون ٿا تھ جنھن قسم جي مھانگائي آھي ان جي اڳيان اھو رليف ناڪافي آھي رڳو پيٽروليم جي شين جي قيمتن ۾ انھي حد تائين گھٽتائي کي محدود نھ ڪرڻ گھرجي اڃا بھ انھن ۾ وڌيڪ گھٽتائي ٿيڻ گھرجي ۽ انھي سان گڏ بجلي جي قيمتن توڙي عام استعمال جي شين جي اگھن ۾ بھ گھٽتائي جو بندوبست ڪرڻ گھرجي.ڇاڪاڻ تھ پيٽروليم جي شين جي اگھن ۾ واڌ سان ٻين شين جون قيمتون تھ پاڻمردو وڌايون وينديون آھن پر جڏھن پيٽرول جا اگھھ گھٽ ٿيندا آھن تھ ٻين شين جون قيمتون گھٽ نھ ٿينديون آھن. اھو بھ سرڪار جو ئي ڪم آھي تھ انھن شين تي بھ نظر رکي  تھ ڪراين سميت ٻين شين جون قيمتون بھ گھٽ ٿين ۽ انھي سلسلي کي اڳتي وڌائڻ گھرجي جيئن عوام کي وڌ کان وڌ رليف ملي سگھي.