اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ  الله چيو آهي ته عمران خان جا مهانگائي خلاف جلسا ناڪام ٿي ويا، ڪنهن به شهر ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو نه نڪتا. عمران خان جي خطاب تي تبصرو ڪندي هن چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهايو ۽ سندس هر ڳالهه ڪوڙ هوندي آهي. هن چيو ته عمران جي احتجاج جي ڪال عوام رد ڪري ڇڏي ڇو ته عوام کي خبر آهي ته هن مهانگائي جو ڪير ذميوار آهي. هر شهر ۾ 100 کان 200 ماڻهو هئا.