عوام جي ڪاوڙ ۽ وزيراعظم جو خدشو

0
248
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

وفاقي وزير ٻوڏ متاثرن جي خدمت نٿا ڪن، عوام ڪاوڙيل پر خاموش آهي، وقت اچڻ تي حساب وٺندو ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪم ڪندڙن کي شاباس به ڏيندو.اهي لفظ ڪنهن سياسي مخالف اڳواڻ جا نه پر ملڪ جي وزيراعظم جا آهن جيڪي هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ادا ڪيا. انهن لفظن مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته صورتحال ڪيتري خطرناڪ ۽ ڳڻتي جوڳي آهي پر  حڪومتن،ان ۾ شامل سياستدانن،انتظامي مشينري ۽ بيوروڪريسي کي ان جو شايد اندازو ناهي يا وري انهن کي پرواهه ناهي جو اهي پاڻمرادوانهي صورتحال ۾ ايمرجنسي جي بنيادن تي ڪم ڪن،ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهي پنهنجي ڪم سان لڳل هجن ها ته وزيراعظم کي به اهڙا لفظ ادا نه ڪرڻا پون ها جيڪي حڪومتي ڪارڪردگي تان پردو کڻي رهيا آهن ۽ وزيراعظم ان حڪومت جو سربراهه هوندو آهي. مطلب ته هو پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي خاص ڪري ٻوڏ متاثرن بابت رليف جي ڪمن مان مطمئن ناهي،جيڪڏهن حڪومتي سرابرهه جا ئي اهي ويچار آهن ته باقي ٻوڏ مٽاثرن کي ڪيتري ڪاوڙ هوندي اهو سمجهڻ ڪو ڏکيو ناهي.

هن وقت ملڪي سطح تي يا صوبائي حڪومتن ۾ شايد ئي ڪا اهڙي سياسي جماعت هجي جيڪا اقتدار جو حصو نه هجي.جيڪڏهن هڪڙي  سياسي ڌر وفاق ۾ حڪومت ۾ آهي ته ٻي سياسي ڌر ڪنهن صوبي ۾ حڪمران بڻيل آهي تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته سڀئي سياسي ڌريون حڪومت ۾ شامل آهن.ايئن به ناهي ته ڪو اقتدار يا اختيار تي به ڪنهن هڪ ڌر جو قبضو آهي ارڙهين ترميم کانپوءِ سڀئي صوبا به مالي حوالي سان بهتر پوزيشن ۾ آهن ۽ انهن کي وفاق جي محتاجي ناهي ته جيستائين اهو مدد لاءِ پهچي ته صوبا ڪجهه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هجن.اصل مسئلو اهو آهي ته ڪير عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن کي سمجهي انهن جي رليف،ريسڪيو ۽ بحالي لاءِ ڪيئن ٿو اثرائتا اپاءَ وٺي اهو انهن جو امتحان به آهي ته سياسي قيادت جو فرض به، جيڪڏهن ڪا به ڌر هن وقت عوام جا اهنج گهٽائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي ته عوام جو ان تي اعتماد به ٿيندو پر جيڪڏهن روايتي غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو ته گهڻين سياسي جماعتن کي به عوام جي ڪاوڙ جي ٻوڏ لوڙهي ويندي  جنهن جو خدشو وزيراعظم پنهنجي لفظن ۾ ڏيکاريو آهي.وزيراعظم جو اشارو ته رڳو سياسي وزيرن ڏانهن هو پر ڇا وزيراعظم جو اهو ڪم ناهي ته جيڪي ادارا آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قائم ڪيل آهن انهن جي ڪارڪردگي ڏانهن به ڏيان ڏئي .اين ڊي ايم اي کان وٺي وفاق جي ماتحت ڪم ڪندڙ ٻيا ادارا يا صوبن جي نگراني ۾ هلندرادارا ۽ انتظاميا هن ڏکئي وقت ۾ رڳو روايتي ڪم ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي. جيڪڏهن اهي ادارا رڳو معمول جو ڪم ڪندي ئي نظر اچن ها ته عوام ههڙي ڏکي صورتحال کي منهن نه ڏئي رهيو هجي ها جو بک کان وٺي بيمارين کي منهن ڏيندڙ عوام کي پيئڻ جو پاڻي به ميسر ناهي ته بجلي به غائب آهي، جنهن ڪري انهن جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته هن ڏکي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ رڳو وفاقي وزيرن کي ئي نه هر انهي ماڻهو کي پنهنجي ذميواري نڀائڻ لاءِ نڪرڻو پوندو جيڪو عوام جي ٽئڪس جي پيسن مان پگهارون کڻي ٿو، رعايتون وٺي ٿو يا عوام جي نالي تي اقتدار جا مزا ماڻي ٿو ۽ انهي ۾ سرڪاري ملازم کان وٺي هر سياسي ڌر شامل آهي جيڪا ڪنهن نه ڪنهن ريت اقتدار  ۾ شامل آهي.