عوام جي سهولت جي بجيٽ ڪٿي ٿي خرچ ٿئي ؟

0
245
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

اسماعيل ميمڻ ٺٽي مان لکي ٿو

جيتوڻيڪ سال 2018 ع واري عام چونڊ کي هلندڙ سال جي ايندڙ جولاءِ مهيني جي 25 تاريخ تي پورا 3 سال پيا ٿين پر موجوده پ پ جي حڪومت جي هلندڙ هنن 3 سالن واري دور حڪمراني ۾ 10 هزار هم چورس ڪلوميٽر جي ايراضي تي پکڙيل چئن تعلقن واري ضلعي ٺٽي کي ترقي جي نگاھه سان ڏٺو وڃي ته موجوده سنڌ حڪومت ۾ ضلعي جي هڪ قومي ۽ ٽن صوبائي اسيمبلي جي تڪن ۾ ايندڙ شهرن توڙي ڳوٺن ۾ اها ترقي نظر نه ايندي ۽ ان سان ضلعي جي 10 لک جي آبادي کي ڪو فائدو رسيو هجي. هونئن به ٺٽو ضلعو مڪمل طور تي هر دور ۾ ترقي کان وانجھيل رهيو آهي جنهن جو اڪثريتي روڊن رستن وارو انفرااسٽرڪچر 60 سيڪڙو تائين تباھه حال آهي. ڪيترن ئي سالن کان ٺٽو جهمپير روڊ جيڪو مڪمل طور تي هنڌان هنڌان ٽوڙ ڦوڙ جوشڪار آهي لاچار ڪوهستان جي عوام جي دانهن ڪوڪن باوجود ناهي ٺهي سگھيو ته وري ڳاڙهي کان ڪيٽي بندر ٽڪو ريگيوليٽر تائين پڻ سمورو روڊ تباھه حال ته وري ٻگھاڻ کان کاروڇاڻ ڦاٽ درياءَ تائين ويندڙ روڊ تباهي جو شڪار آهي. حالت اها آهي جو ٺٽي ضلعي جي خاص ڪري ڪوهستاني ۽ سامونڊي وسندين ڏانهن ويندڙ ڀلي ڳاڙهو جوهو روڊ هجي يا پير پٺو ور روڊ هجي مطلب ته ضلعي اندر روڊن رستن جي بحالي جو جيڪو ڪم ٿيڻ گھرجي اهو هن مهل تائين 60 سيڪڙو ناهي ٿي سگھيو جنهن ڪري هتان جي عوام روڊن جي سهولتن نه هجڻ ڪري انيڪ پريشانين کي منهن ڏيندڙ آهي. مٿان وري ضلعي اندر صحت واري نظام کي ڏٺو وڃي ته گذريل 13 سالن کان پ پ جي حڪومت ۾ ٺٽي ضلعي جون سموريون علاج معالج جون سرڪاري اسپتالون ٺيڪي عيوض ٻن غير سرڪاري تنظيمن حوالي ڪيل آهن جنهنڪري ضلعي جي سموري انساني آبادي علاج جي حوالي سان غير سرڪاري تنظيمن جي رحم ڪرم تي آهي، انهن حوالي ڪيل سرڪاري اسپتالن مان ٻي علاج جي ڪا بهتر سهولت ملي يا نه پر اهو ضرور آهي ته انهن اسپتالن ۾ ڪنهن به بيماري ۾ ورتل مريض جي اسپتال ۾ اچڻ سان ان کي ٻي اسپتال ۾ ريفر ڪرڻ جي ليٽر جي سهولت عام آهي. ٺٽي جي تعليم جي سڌاري ۾ به ڪا بهتري ناهي اچي سگھي هونئن به گذريل ڏيڍ سال کان ڪورونا سبب تعليم تباهي ڪنڌي تي پهچي چڪي آهي پر ٺٽي ۾ اڳ ئي تعليم جو ٻيڙو ٻڏل هو، ضلعي جي پرائمري تعليم جي شرح ڇوڪرن جي حوالي سان 28 سيڪڙو ته وري نياڻين جي تعليم مشڪل سان 14 سيڪڙو کان به گھٽ آهي ته وري سيڪنڊري توڙي هائير تعليم جو صفا حال پورو لڳو پيو آهي. ضلعي اندر 600 کان مٿي پرائمري اسڪول بند آهن ۽ ڪيترين ئي اسڪولن جون سال 2010ع واري مها ٻوڏ بعد ڇتون لاٿيون ويون آهن انهن جي به ڪا هن مهل تائين مرمت ناهي ٿي سگھي ته وري وڏي انگ ۾ استادن جي ريٽائرڊ ٿيڻ ۽ هن مهل تائين نين ڀرتين نه ٿيڻ ڪري ڪيترائي هلندڙ اسڪول پڻ استادن جي سخت کوٽ سبب متاثر آهن. وڏي ڳالھه ضلعي اندر سنڌ يونيورسٽي جي ڪئمپس آهي پر گذريل 6 سالن کان انهي سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس کي هن مهل تائين پنهنجي عمارت ناهي ڏني وئي، جنهن ڪري سنڌ يونيورسٽي جي ڪئمپس بوائز ڊگري ڪاليج ٺٽو مڪلي جي 4 ڪمرن ۾ هلي رهي آهي ۽ ڪئمپس کي عمارت نه هئڻ ڪري تعليم پرائيندڙ شاگردن کي سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ٺٽي ضلعي اندر پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جو پڻ سخت بحران آهي حالت اها آهي جو ضلعي اندر پبلڪ هيلٿ کاتي جي مهربانين سان 38 واٽر سپلاءِ اسڪيمون جيڪي اربين روپين جي لاڳت سان تعمير ڪيون ويون هيون اهي گذريل ڪيترن سالن کان هلڻ کان اڳ ئي ناڪارا بڻجي تباهي ڪنڌي تي پهچي ويون آهن. ضلعي اندر ڪوهستاني توڙي سامونڊي وسندين ۽ ٻين شهري علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جي نالي تي 62 ، آر او پلانٽ لڳايا ويا آهن جيڪي ڪيترن سالن کان بند هئڻ ڪري ڪو به فائدو ناهن ڏئي سگھيا ۽ ايئن ڪروڙين روپيا انهن آر او پلانٽ جي نه هلڻ ڪري ضايع ٿي ويا آهن ۽ هن وقت به اها حالت آهي جو ضلعي جو مک شهر ٺٽو جنهن جي سوا ٻه لک کان مٿي آبادي آهي اها پيئڻ جي پاڻي لاءِ تڙپي رهي آهي. مڪلي سميت مختلف شهرن ڳاڙهو ، ور ، غلام الله ، ساڪرو ، گھوڙاٻاري ، جنگشاهي ، جھرڪ ، سونڊا ، جھمپير سوڌو ڪيترن ئي شهري وسندين ۾ واٽر سپلاءِ جي تلائن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري اها شهري آبادي پڻ انهي بنيادي سهولت کان محروم آهي. ضلعي جي چئن ئي تعلقن ٺٽو ، ساڪرو ، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي شهري توڙي ڳوٺاڻي آبادي هن مهل تائين سڀني بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي ته ٻئي پاسي وري مڪاني کاتي جي ناقص ڪارڪردگي اها آهي جو ٺٽي جي ميونسپل ڪاميٽي کي هر مهيني هڪ ڪروڙ 23 لک ، ته وري مڪلي ٽائون ڪاميٽي کي هر مهيني 63 لک ، گھارو ٽائون ڪاميٽي کي 76 لک ، ساڪرو ٽائون ڪاميٽي کي هر مهيني 74 لک ، گھوڙاٻاري ٽائون ڪاميٽي کي هر مهيني 38 لک ۽ ڳاڙهو ٽائون ڪاميٽي کي هر مهيني 11 لک ۽ ضلعي جي 40 يونين ڪائونسلن کي مڪاني کاتي پاران پڻ هر مهيني 5 ، 5 لک روپيا بجٽ جاري ڪئي پئي وڃي ۽ هر مهيني ضلعي جي 46 مڪاني کاتي جي ادارن ۾ شامل يوسيز کان ويندي ٽائون ۽ ميونسپل ڪاميٽي تائين 5 ڪروڙ 85 لک کان مٿي بجٽ باقائدگي سان ملي رهي آهي ۽ اها بجٽ ڪٿي خرچ ٿئي ٿي ان جي ڪائي خبر ناهي.