عوام جي تڪليفن کي نظر ۾ رکندي ضروري شين تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون: وزيراعظم

0
187
عوام جي تڪليفن کي نظر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي تڪليفن کي نظر ۾ رکندي ضروري شين تي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون, وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ احساس راشن پروگرام بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ سماجي تحفظ بابت خصوصي معاون ثانيه نشتر، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد به شرڪت ڪئي

اجلاس جي دوران وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو ته احساس راشن پروگرام تحت 1000 رپيا ماهوار سبسڊي ڏني پئي وڃي، ٻه ڪروڙ خاندان کي اٽي، گيهه ۽ دالين تي هڪ هزار روپين جي رعايت ڏني پئي وڃي، هي هي رعايت ماهوار 50 هزار کان گهٽ آمدني وارن خاندانن کي ڏني ويندي

وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته راشن پروگرام هلندڙ مهيني سڄي ملڪ ۾ شروع ڪيو ويندو، پروگرام تحت ڪريانه اسٽورن جي رجسٽريشن جو ڪم جاري آهي ۽ هن وقت تائين 15 هزار کان وڌيڪ ڪريانه اسٽورز رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، عوام جي تڪليفن کي نظر ۾ رکندي ضروري شين تي سبسڊي ڏني پئي وڃي

عمران خان هدايت ڪئي ته احساس راشن پروگرام جي رجسٽريشن تيز ڪئي وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ غريب خاندانن کي فائدو پهچي سگهي

ھي به پڙھندا

 

وفاقي حڪومت جو عوام کي ڪو به رليف ڏيڻ جو ارادو ناهي: امتياز شيخ