عوامي ڪاوڙ ۽ ‘احتجاج پروف’ انتظاميا

0
286
وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ نئين ڊجيٽل آدم ڳڻپ جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي آهي.

هونئن ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪڏهن آئيڊيل ته پري جي ڳالهه، اطمينان جوڳي به ناهي رهي، پر هن ڀيري سنڌ هڪ پاسي قبيلائي دهشتگرديءَ جي باهه ۾ سڙي رهي آهي ته ٻئي پاسي اغوا انڊسٽري عروج تي آهي. ڌاڙيل ماڻهن کي کنڀي گم ڪندا وڃن، ايتريقدر جو ڀُنگ خاطر معصوم ٻارڙا به اغوا پيا ٿين. ائين محسوس نٿو ٿئي ته سنڌ جو ڪچي وارو علائقو سنڌ سرڪار جي انتظام هيٺ هجي! اتي ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ اشرافيا ۽ ان جي ‘مجرم سپاهه’ (ڌاڙيل) جو سِڪو هلي ٿو. جن جي ذميواري عوام جو تحفظ ڪرڻ آهي، اهي به غير محفوظ آهن. پوليس چوڪين تي حملا پيا ٿين. هاڻي ته سنڌ ۾ بدامنيءَ جي خلاف احتجاج به شروع ٿي ويا آهن. ڪنڌڪوٽ ۾ معصوم نينگر سمرت ڪمار جي بازيابي لاءِ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

‘واٽر پروف’ ۽ ‘شاڪ پروف’ لفظ ته سڀني ٻڌا هوندا، پر اهو ‘اعزاز’ سنڌ کي حاصل آهي، جو هتي جي انتظاميا ‘پروٽيسٽ (احتجاج) پروف’ آهي. ڀلي عوام ڪيترو به احتجاج ڪري پر انتظاميا تي ان جو ڪو به اثر نٿو پوي. دنيا جي ملڪن ۾ عوامي احتجاجن مان اتي جي انتظاميا عوام جي مزاج جي موسم جو اندازو لڳائي مسئلا حل ڪندي آهي پر اسان وٽ انتظاميا جي ‘ادا’ ئي ‘اور’ آهي. احتجاجن سبب سنڌ ۾ پريس ڪلبن جا اڱڻ آباد آهن. سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته احتجاج طرزِ حڪمرانيءَ ۽ گورننس تي بي اعتمادي ۽ عوامي ڪاوڙ جو اظهار هوندا آهن، پر اسان وٽ عوامي احتجاجن کي ليکي ۾ ئي نه آندو ويندو آهي. هتي ته عوامي مسئلن تي زباني سرگرمي يعني نوٽيس وٺڻ جي به منتظمين زحمت تڏهن ڪندا آهن، جڏهن ڪو عوامي مسئلو احتجاجن کان پوءِ ‘اِشو’ بڻجندو آهي. هن وقت سنڌ ڏوهارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيل آهي. ماڻهن کي قانون جو ڏڍ، اوٽ ۽ اجهو حاصل نه آهي. ماڻهو پنهنجي تحفظ لاءِ پريشان آهن پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته امن امان منتظمين جي ترجيح نظر نٿو اچي. ڇا اقتدار صرف دل پشوريءَ جو نالو آهي؟ عوام جو تحفظ رياست جي ذميواري نه آهي؟ اها ڳالهه مشاهدي ۾ ايندي رهي آهي ته جڏهن به سياسي بحران هوندو آهي، انتشار ۽ انتظامي افراتفري هوندي آهي ته سنڌ ۾ امن امان جون حالتون خراب ٿي وينديون آهن، بدامني وڌي ويندي آهي. ائين محسوس ٿيندو آهي ته بدامنيءَ جي ايڪسيليٽر تي اڻ ڏٺل قوتن جو پير هجي! سنڌ جي ڪچي ۾ ٿم ۽ ٿاڪ ٺاهي ويٺل ڌاڙيلن جي لائيف لائين ‘پڪي جا ڌاڙيل’ آهن، جن جي رسائي اقتدار ۽ اختيار جي ايوانن تائين آهي، اها لائيف لائين ڪاٽڻ کانسواءِ سنڌ ۾ امن امان ممڪن نه آهي. هڪ ته ڌاڙيلن وٽ خطرناڪ هٿيار آهن، جيڪي ‘غيبي’ طريقي سان ڌاڙيلن وٽ پهچن ٿا، ٻيو ته پوليس ۾ سياسي مداخلت به ڌاڙيلن جي حق ۾ پئي وڃي. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ ۾ منشيات جي خاتمي جو رينجرز کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي، پر اسان سمجهون ٿا ته شهيد محترما بينظير ڀٽو جي دور ۾ لڳ ڀڳ 30 سال اڳ سنڌ ۾ امن امان قائم رکڻ ۾ انتظاميا جي مدد لاءِ اها وفاقي فورس سنڌ ۾ مقرر ڪئي ويئي. جڏهن سنڌ ۾ پوليس ڌاڙيلن اڳيان بيوس بڻيل آهي ته ان وفاقي مهمان فورس کان ڌاڙيلن کي ناس ڪرڻ جي سلسلي ۾ مدد وٺي سگهجي ٿي. سنڌ حڪومت پوليس، رينجرز ۽ فوج ذريعي ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو اعلان ته ڪيو هو پر ان تي عمل نه ٿيو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته سنڌ انتظاميا جي ڪهڙي مصلحت يا مجبوري آهي، جو ڪيل اعلانن تي عمل نٿو ڪيو وڃي!

سنڌ ۾ امن امان جي انتهائي ابتر صورتحال تي اسان ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي اها گهر ٿا ڪريون ته امن امان قائم ڪرڻ ۽ عوام جي تحفظ واري ذميواري پوري ڪئي وڃي. رينجرز جي مدد سان ڌاڙيلن خلاف ڀرپور آپريشن ڪري معصوم ٻارڙي سمرت ڪمار سميت مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي.