سانگهڙ (رپورٽر) عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سانگهڙ شهري اتحاد جي چيئرمين حسن عسڪري جي جنازي نماز انچولي امام بارگاهه ناظم آباد ڪراچي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري اختر حسين ايڊووڪيٽ، سنڌ جي صدر بخشل ٿلهو، پنجاب جي مرڪزي اڳواڻ ميڊم عابده، سرائيڪي بيلٽ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ فرحت عباس، صحافي ۽ رائيٽر تاج مري، نواز ڪنڀر، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سانگهڙ جو جنرل سيڪريٽري شريف مصراڻي، سينيئر صحافي اسحاق منڱريو، سماجي اڳواڻ عامر قريشي، غلام مصطفي ترين، اسلم ميمڻ، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ قاضي ممتاز، وڪيل سنيل ڪمار پرهياڙ، خليل بلوچ، قيوم لانڊر، پروفيسر امر لغاري ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، کيس پارٽي جي ڳاڙهي جهنڊي ۾ ويڙهيو ويو، گلگت بلتستان، خيبر پختون خواهه ۽ پنجاب جي پارٽي اڳواڻن پاران گلن جا دستا موڪليا ويا، ان بعد کيس وادي حسين قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. کيس دفنائڻ دوران هر اک آلي هئي.