عوامي مينڊيٽ جو احترام سياسي ڌرين جي ئي ذميواري آهي

0
169
عوامي مينڊيٽ جو احترام سياسي ڌرين جي ئي ذميواري آهي

اسان جي  بدقسمتي رهي آهي ته ڪڏهن به عوامي مينڊيٽ جو احترام نه ڪيو ويو آهي جنهن ڪري جمهوري روايتون سدائين ڪمزور رهيون آهن ۽ هار کي ڪو قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندوآهي،جنهن ڪري سدائين اليڪشن تڪراري بڻبيون آهن ۽ نظام پنهنجون پاڙون پختيون ڪري نه سگهندو آهي.اهي عام چونڊون هجن يا مڪاني چونڊون انهن ۾ شڪست کائيندڙ ڌر لاءِ وڏي ۾ وڏي هٿيار ڌانڌلين جو  الزام آهي جيڪا هو کٽيندڙ ڌر خلاف استعمال ڪندي آهي  جنهن کانپوءِ احتجاج شروع ٿيندا آهن.اسان وٽ اڪثر ڌريون جمهوريت جو مطلب پنهنجي جيت سمجهنديون آهن جڏهن ته سرڪاري ڌر وري چونڊن تي انتظامي مشينري ذريعي اثر انداز ٿيڻ جي به ڪوشش ڪندي رهندي آهي،ڀلي ڪنهن به جماعت جي سرڪار هجي اها چاهيندي آهي ته پنهنجي فائدي لاءِ جيترو انتظاميا کي استعمال ڪري سگهجي ڪجي. اها ئي صورتحال سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي ٻئي مرحلي جي چونڊن جي نتيجن کانپوءِ نظر اچي رهي آهي خاص ڪري ڪراچي جي چونڊ نتيجن کانپوءِ ته اتي جهيڙي وارو ماحول پيدا ٿي چڪو آهي،هڪڙيون ڌريون سرڪار ڌر تي ڌانڌلين جا الزام هڻي رهيون آهن ته ٻئي طرف سرڪاري ڌر انهن تي ڀڄ ڊاهه ۽ حملن جا الزام هڻي گرفتاريون ڪري رهي آهي جنهن ڪري اڃا تائين چونڊ نتيجن کانپوءِ به نظام جي جوڙجڪ وارو مرحلي ۾ رنڊڪ پئجي رهي آهي ۽ عوام جي مينڊيٽ جو احترام نه ٿو ڪيو وڃي جيڪو ئي هن نظام کي  ڪمزور ڪري رهيو آهي.

مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جي اعلان کانپوءِ اها اميد ڪئي پئي وئي ته اهو خير خوبي سان ختم ٿي ويندو ۽ نظام جي جوڙ جڪ جلد ٿيندي ته جيئن عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ وارو ڪم شروع ٿي سگهي. ٻين ضلعن ۾ ته ننڍين ننڍين شڪايتن باوجود سڄو عمل خير خوبي سان ٿي ويو پر ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ اهي چونڊون تڪراري بڻجي رهيون آهن يا ڄاڻي واڻي تڪراري بڻايون پيون وڃن،ڇاڪاڻ ته ووٽنگ وارو عمل مڪمل ٿيڻ تائين سڀ ڌريون ذري گهٽ انهي تي متفق هيون ته ڪا وڏي بي ضابطگي نه ٿي آهي  پر جڏهن  چونڊ کٽڻ لاءِ اڳواٽ اميد لڳائي ويٺل  ڌرين يا ڪجهه اهڙين پارٽين کي انهن جي اميدن مطابق نتيجا نظر نه آيا ته پهرين ڌانڌلي جا الزام لڳايا  ۽ پوءِ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويو جنهن ڪري انهي  سڄي عمل آڏو رنڊڪ پئجي وئي آهي.اسان وٽ هر ماڻهو رڳو پنهنجي حق ۾ آيل فيصلي کي ئي جمهوريت سمجهي ٿو جڏهن ته مخالف جي مقبوليت کي مڃڻ يا انهن جي فتح کي تسليم ڪرڻ ڄڻ ته سکيا ئي ناهيون تنهن ڪري هر ڌر جڏهن شڪست کائيندي آهي ته ان وٽ اهو ڌانڌلي جو الزام پيو ئي پيو آهي جنهن ڪري پاڪستان ۾ شايد ئي ڪا اهڙي اليڪشن ٿي هجي جيڪا انهي الزام کان پاڪ ٿي سگهي هجي.اسان جي سياسي پارٽين جو ئي ڏوهه آهي جو اهي پنهنجي ٿوري مفاد لاءِ جمهوريت ۽ ووٽ واري عمل کي خوار خراب ڪن ٿيون جنهن ڪري انهي جو اهو احترام نه ٿو رهي،نه ته هار جيت انهي جمهوريت جو ئي حصو آهي ۽ شڪست تسليم ڪرڻ ئي جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ جو سبب بڻبي آهي جنهن مان سکي اڳتي لاءِ سياسي ڌر يا ماڻهو پنهنجي ڪمزورين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جڏهن شڪست تسليم ئي نه ڪبي ۽ پنهنجي غلطين يا ڪمزورين جي نشاندهي نه ڪبي ته ڪڏهن به اهي سڌاري نه سگهبيون.

اسان سمجهون ٿا ته عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪا شڪايت آهي ته ان جي ازالي جو فورم اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتون موجود آهن جتي پنهنجي شڪايت ڪري سگهجي ٿي. باقي آفيسن آڏو احتجاج ۽ انهن تي حملا ڪرڻ يا سياسي ڪارڪنن جو هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿيڻ يا انهن جي گرفتارين سان  ماحول خراب ٿيندو. تنهن ڪري ڌرين کي ويهي پاڻ ۾ ڳالهائڻ گهرجي جيئن عوام جي مينڊيٽ جو احترام ٿي سگهي، ڇو ته عوام جي ووٽ کي مڃتا ڏيارڻ سياسي ڌرين جو ئي ڪم ۽ ذميواري آهي.