حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي ڪنوينشن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته عوامي نمائندا ۽ سرڪاري عملدار غيرضروري پروٽوڪول ۽ دفاعي خرچ گهٽائي ملڪ ۾ ماحولياتي تباهي سبب مرندڙ ڪروڙين انسانن جون زندگيون بچائين. عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد طرفان ٻوڏ متاثرن جي ”واھر ڪريو“ ڪانفرنس ۽ ڪنوينشن منعقد ٿيو جنهن ۾ چيو ويو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد انفراسٽرڪچر جوڙيو وڃي. هٿرادو ٻوڏ آڻڻ جي ذميوارن کي وائکو ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي فل بئنچ جوڙي وڃي جيڪا غيرقانوني ڪٽن جي جاچ ڪري. هٿرادو ٻوڏ ذريعي فوت ٿيل ۽ دربدر ٿيندڙ ماڻهن جي ذميوار حڪومتي اڳواڻن آبپاشي وزير، سيڪريٽري، ڪامورن ۽ ٻين ذميوارن کي سزائون ڏنيون وڃن. ڪانفرنس کي مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عوامي ورڪرس پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهو، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري امداد قاضي، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر سيد لال شاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عوام جا ٻچا بک وگهي مري رهيا آهن. ماڻهن کي هٿيارن جي نه پر پيئڻ جي پاڻي ۽ ماني ڳڀي جي ضرورت آهي. اين ڊي ايم اي جي جوڙجڪ ئي غيرقانوني آهي. آفتن کي منهن ڏيڻ واري اداري ۾ ڪو به ماحولياتي ماهر موجود ڪونهي. اهو ادارو رڳو فنڊ هڙپ ڪرڻ لاء ٺاهيو ويو آهي. ڪنوينشن ۾ گهر ڪئي وئي ته سنڌ حڪومت جن پئسن ۾ ٻوڏ متاثرن کي سندن علائقن ۾ گھر ٺھرائي ڏيڻ جو واعدو ڪيو آھي انھن پئسن مان ملير ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ رھائشي اسڪيم شروع ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگردن جون سموريون فيون ايندڙ ٻن سالن تائين معاف ڪري کين فلڊ اسڪالرشپون ڏنيون وڃن. ٻوڏ متاثر خاندانن کي 50-50 لک رپيا روڪ رقم ۽ گھر ٺھرائي ڏنا وڃن.