سانگهڙ/شاهپور چاڪر، جهول/گپچاڻي (نمائندن وٽان) عوامي تحريڪ پاران مهانگائي، ڌارين جي آباد ڪاري، هٿرادو اٽي جي کوٽ ۽ ڊجيٽل مردم شماري خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، لال جروار، نور احمد ڪاتيار، سڀاني ڏاهري، ستار رند، شمشاد لغاري، پريمي ڀيل، راڻو ڪنڊاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ شاهپور چاڪر کان شروع ٿي کڏڙو، جهول، رڪن ٻرڙا، لانڍي، شير لغاري، گپچاڻي ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن کان ٿيندو سانگهڙ پهتو، جتي اڳواڻن مٿان گلن جي ورکا ڪري شاندار آجيان ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته سنڌ جا وسيلا ۽ زمينون وفاق حوالي ڪرڻ واري قرارداد پاس ڪري وڏيرن ۽ جاگيردارن واري سنڌ اسيمبلي آئين ٽوڙيو آهي، قرارداد ذريعي 18هين آئيني ترميم جو قتل ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته نوان صوبا ڪاميٽي ملڪ ٽوڙڻ جي سازش آهي، حمود الرحمان ڪميشن جي سفارشن تي عمل نه ٿيو، جنھن ڪري ملڪ دشمن قوتن جو حوصلو وڌي ويو، هنن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ٽوڙڻ جون سازشون شروع ٿي ويون آهن، پ پ غير جمهوري قوتن جي اشارن تي هلي جمهوريت جو قتل عام ڪري رهي آهي، اڳواڻن چيو ته ملڪ جي داخلا پاليسي ۾ ڪرپشن سبب ملڪ دشمن دهشتگردن کي سنڌ جا شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ جا مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي وصرت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.