عوامي ‘ايڪسري مشين’ ۽ سماج جا ڳجها پاسا

0
166

اعجاز انڙ

  موجوده بحران اسان کي ملڪي سياست جي باري ۾ گهڻو ڪجھ سمجهايو آهي، جيڪڏهن اسان ان مان شعوري طور ڪو سبق حاصل ڪرڻ چاهيون ته! هاڻي اها ڳالھ چٽيءَ طرح ثابت ٿي آهي ته هن ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ کانسواءِ ڪابه پارٽي  اقتدار جي مسند تي براجمان ٿي نٿي سگهي، انڪري سڀني پارٽين جي اها ئي ڪوشش رهي آهي ته اهي اسٽيبلشمينٽ کي راضي رکن ته جيئن کين اقتدار ملي. اها صورتحال تمام پراڻي آهي.

                 ان جي خبر پهريان تمام ٿورڙن ماڻهن کي هئي پر هن بحران کانپوءِ ملڪ جي ٻار کي به خبر پئجي وئي آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ کان سواءِ ڪوبه سياسي پن هن ملڪ ۾ چُري نٿو سگهي، ڀلي ڪيترو به طوفان ڇو نه اچي ۽ جنهن به پارٽيءَ کي اقتدار ڏنو ويندو، اها ظاهر ۾ ڪيترو به پاڻ کي عوام دوست ڪري پيش ڪري پر اها ڪرپٽ ۽ عوام دشمن هوندي آهي. جنهن ملڪ ۾ ڪرپشن عام هجي، ان ملڪ ۾ نيڪي ۽ عوام دوستيءَ جي اميد رکڻ ديواني جو خواب آهي. ان خوابيده ڪيفيت مان هن ملڪ جي قومن کي نڪرڻ گهرجي.

حقيقي ۽ عوام دوست سياست هميشه اسٽيبلشمينٽ جي خلاف هوندي آهي ۽ عتاب جو شڪار رهندي آهي، تنهنڪري اسٽيبلشمينٽ اهڙي سياست کي اسرڻ جو موقعو ئي نه ڏيندي آهي ۽ سدائين ان کي چٿي ڪمزور ڪري، ان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ انهن ڪڻن مان ڪي تمام ٿورا ماڻهو مرڻ گهڙيءَ تائين اسٽيبلشمينٽ جي خلاف هوندا آهن ۽ ڪسمپرسيءَ ۾ زندگي گذاريندا آهن، نه ته اڪثريت پنهنجي عقل ۽ دليلن جو استعمال ڪندي ڪي ظاهري، ته ڪي ڳجهي طور اسٽيبلشمينٽ جي ڇانوَ ۾ بقايا ڏينهن سڪون، سهولتن ۽ آسيس سان گذاريندا آهن. پر تاريخ ۽ وقت هر جاءِ تي اهو ظاهر ڪيو آهي ته عوام هميشه اسٽيبلشمينٽ جي خلاف اٿندڙ آواز جو ساٿاري رهيو آهي.

عوام ڪڏهن به خوشيءَ سان اسٽيبلشمينٽ جو طوق پنهنجي ڳچيءَ ۾ نه  پاتو آهي. اهو ‘اعزاز’ سياستدانن جي حصي ۾ رهيو آھي. عوام کي جتي به موقعو مليو آهي، هن پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. اها ٻي ڳالھ آھي ته طوق پهريل سياستدانن انهن جي ڪاوڙ کي هميشه ڪيش ڪرايو آهي. تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته سڀني مذهبن جي بانيڪارن  کانسواءِ انهن مذهبن جي پوئلڳن جي اڪثريت ۽ عدالتون سدائين اسٽيبلشمينٽ جون ساٿاري ۽ حصيدار رهيون آهن.

اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته عوام هڪ وڏي سماجي ايڪسري مشين آهي، جنهن ۾ سماج جا لڪل پاسا به ظاهر هوندا آهن. هو ماڻهو جي معاشي حيثيت ۽ اهليت کي ڏسندي اهو آسانيءَ سان ٻڌائيندي آهي ته هن ماڻهوءَ جو جنم ڪيئن ٿيو؟

هو وڏو ڪيئن ٿيو؟ ۽ مري ڪيئن ويو؟ انڪري عوامي ايڪسري مشين کان ڪوبه ڳجهو رهي نٿو سگهي. جيڪو هن مشين کي ڪوڙو، بيمار ۽ دوکي باز سمجهي ٿو، اهو پاڻ ڪوڙو ۽ بيمار آهي. تنهنڪري جيڪو به عوام جي دوستيءَ جو حق ادا ڪندي پنهنجي جان جي قرباني ڏئي ٿو، اهو تاريخ ۾ زنده رهي ٿو ۽ عوام دشمنن جو ته ڪو نالو وٺڻ وارو به ڪونه ٿو ملي.

عوام کي سڄي خبر هوندي آهي ته ڪير ڪيترو عوام دوست آهي ۽ ڪير ڪيترو عوام دشمن ۽ اسٽيبلشمينٽ جو دوست آهي،

انڪري پنهنجين حرفتن ۽ چالاڪين کي لڪائي عوام کي بيمار، ڪاهل، ڏوهاري ۽ بي شعور سمجهڻ وارا ڪڏهن به عوام دوست ٿي نٿا سگهن. عوام دوستي ڊگهي، لاڳيتي، بي خوف ۽ بغير لالچ جي جدوجهد ڪرڻ جو نالو آهي. جيڪي ماڻهو چند جلسا جلوس، ريليون، لانگ مارچون، ڌرڻا ۽ پريس ڪانفرنسون ڪري اها اميد ٿا ڪن ته هاڻي تبديلي اچڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن کين عوام پاران موٽ نٿي ملي ته بجاءِ عوام کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ جي، پنهنجين ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جو جائزو وٺن. لاچار ۽ بيوس عوام سان سنگت نڀائڻ سولي ناهي، هي سر جو سودو آهي!

پاڻ جنهن ملڪ جا شهري آهيون، ان ملڪ ۾ ڪڏهن به عوامي راڄ نه رهيو آهي. تاريخ ۾ اهڙي قسم جون جيڪي به جهلڪيون ماڻهن جي ذهنن ۾ رهيون آهن يا هو اڃان تائين ڪنهن اهڙي جهلڪ جي آسري ۾ آهن ته انهن کي پنهنجي سوچ تي ٻيهر سوچڻ گھرجي، ڇو ته سوشل ميڊيا جي هن سپر سونڪ دور ۾ هر لڪايل شيءِ پڌري ٿي رهي آهي، انڪري لازم ٿي پيو آهي ته پاڻ پنهنجن نظرين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري انهن جو سائنسي بنيادن تي تجزيو ڪريون ته جيئن عوام کي خوابن جا لولي پاپ کارائڻ بجاءِ انهن جي حقيقي رهنمائي ٿي سگهي. باقي جيڪڏهن سياست کي جوئاري جو داءُ ۽ ڪاروبار ڪري هلائڻو آهي ته حالتن ۾ ڪابه هاڪاري تبديلي نه ايندي.

سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ روزانو جي بنياد تي ماڻهو پنهنجن مسئلن لاءِ احتجاج ڪن ٿا. هي وقت انهن کي منظم ڪري هڪ گڏيل ۽ سگهاري جدوجهد جو آهي. جيڪڏھن هر ڪو الڳ الڳ احتجاج ڪندو ته ان جو فائدو صرف ذاتي ۽ گروهي هوندو. عام پيڙيل ماڻهن کي انهن احتجاجن جو ڪو لاڀ نه ملندو.