لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ گذريل ڇنڇر ڏينهن ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ مور خان عمراڻي واسي  پ پ شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻي جي 17 ورهين جي ڀائيٽي پريسه عمراڻي کي نانگ ڪکي وڌو، جنهن کي وارثن چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ آندو جتي هوءَ فوت ٿي وئي، جنهن تي وارثن ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي اسپتال سميت ايم ايس آفيس اندر ڀڃ ڊاهه ڪئي جنهن کان پوءِ ڳالهين ۾ وارثن جي مطالبي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو طرفان گهرو کاتي کي واقعي جي جڊيشل انڪوائري لاءِ خط اماڻي ڇڏيو هو، جنهن جي جواب ۾ جڊيشل انڪوائري جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري جڊيشل انڪوائري به شروع نه ٿي سگهي آهي. هوڏانهن ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن جي سڏ تي 3 ڏينهن اڳ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ پيش آيل واقعي خلاف پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئشن، ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسئيشن ۽ ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن طرفان لاڙڪاڻي جي چئني سرڪاري اسپتالن سول اسپتال، چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال، شيخ زيد وومين ۽ شيخ زيد چلڊرين اسپتال جي او پي ڊيز جي تالابندي ۽ بائيڪاٽ ڪري سٽي پي ايم اي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فضل کوسو، ڊاڪٽر فهيم احمد خشڪ، ڊاڪٽر احسان ملڪ، فهد جبران سيال چيو ته اسين ڊاڪٽر لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڏينهن رات ڊيوٽي ڪري مسيحائي ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون پر ڊاڪٽرن لاءِ منفي سوچ رکندڙ ماڻهن طرفان مختلف وقتن تي ڊاڪٽرن مٿان علاج ۽ غفلت ۽ لاپرواهي سميت ٻيا غلط الزام لڳائي ان جي آڙ ۾ نه صرف ڊاڪٽرن پر پيرا ميڊيڪل عملي ۽ ننڍن ملازمن کي تشدد جو نشانو بڻائي اسپتالن جي ڀڃ ڊاهه ڪئي ويندي آهي،ڪجهه ماڻهن بيگناهه پوسٽ گريجوئيٽ ڊاڪٽر ڊاڪٽر جنيد سانڊاڻو کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي رتورت ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته هن وقت تائين اسان کي سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي وئي آهي.  هنن مطالبو ڪيو ته سڪيورٽي فراهم ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن، ٻئي طرف او پي ڊي جي بائيڪاٽ سبب ڏورانهن علائقن مان ايندڙ توڙي وارڊن ۾ داخل مختلف مرضن ۾ مبتلا مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي جتي مريضن جي وارثن وارڊن مان نڪري سول اسپتال روڊ بلاڪ ڪري ڊاڪٽرن خلاف ڌرڻو هنيو ۽ بعد ۾ سٽي او پي ڊي ٻاهريان پڻ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. مظاهرن چيو ته اسان پنهنجي مريضن کي علاج لاءِ کڻائي او پي ڊي آيا آياسين جتي او پي ڊي کي تالا لڳل هئا، مريض تڙپي رهيا آهن، پر ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪري اسان جي مريضن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.