ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ اسيمبليءَ جي سيڪريٽري جي ايم عمر فاروق ٻرڙو جا اسپيشل سيڪريٽريءَ محمد خان رند تي بليڪ ميلنگ جا الزام، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران اهڙي جواب تي ناراضپو، جي ايم عمر فاروق ٻرڙو جو وڪيل پڻ عدالت کي مطمئن ڪري نه سگهيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ اسيمبليءَ جي رولز موجب دليل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري ۽ سندس 5 ڀائرن کي 18 کان21 گريڊ ۾ ڀرتي ڪري ترقيون ڏيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، سنڌ اسيمبليءَ جي سيڪريٽري جي ايم عمر فاروق ٻرڙو  پاران جمع ڪرايل جواب ۾ اسپيشل سيڪريٽريءَ محمد خان رند تي بليڪ ميلنگ جا الزام هڻڻ واري معاملي تي  عدالت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته توهان 2006ع  ۾ 16هين گريڊ ۾ مقرر ٿيا، اوهان ڪهڙي قانون هيٺ  5 سالن ۾ 2013 ۾ 21هين گريڊ ۾ پهچي ويا؟ عدالت کي مطمئن ڪريو، جنهن تي اسيمبلي سيڪريٽريءَ جي وڪيل چيو ته عدالت ۾ پٽيشن بليڪ ميلنگ لاءِ داخل ڪئي وئي آهي، عدالت چيو ته توهان ان معاملي کي ڇڏيو، رڳو اهو ٻڌايو ته جي ايم عمر ٻرڙو  جي مقرريءَ ڪهڙي قانون تحت ٿي آهي؟  عدالت پٽيشنر جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان بليڪ ميلنگ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن تي وڪيل ڪامران بلوچ چيو ته اسان بليڪ ميلنگ لاءِ درخواست داخل ناهي ڪئي، ڀرتين ۽ ترقين ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي رولز جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، ٻڌڻي دوران  سنڌ اسيمبليءَ جي سيڪريٽريءَ جو وڪيل عدالت کي مطمئن ڪري نه سگهيو، عدالت کيس ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ اسيمبليءَ جي رولز موجب دليل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالتي وقت گهٽ هئڻ ڪري ٻڌڻي 05 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي، عدالت مقررين جي طريقيڪار، ڀرتين بابت اخبارن ۾ شايع ٿيل اشتهارن،  ترقيون ماڻيندڙن جا اصل فائل ۽ تفصيل ايندڙ ٻڌڻي تي جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جي ايم عمر فاروق 2006ع ۾ گريڊ 16 ۾ ريسرچ آفيسر ڀرتي ٿيو هو، سندس 4 ڀائرن راشد ٻرڙو، ارشد ٻرڙو، عبدالماجد ٻرڙو ۽ مزمل ٻرڙو جو مڪمل رڪارڊ اسيمبلي مان غائب آهي،