ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور اداڪار ۽ ڪاميڊين عمر شريف جي پٽ جواد شريف چيو آهي ته عمر شريف دل جي بيماري ۾ مبتلا آهي ۽ سندس يادداشت به ختم ٿي رهي آهي. والد جي علاج جو سلسلو جاي آهي، سندس ٺيڪ ٿيڻ شرط ئي هن سان گڏ وديو جاري ڪندس. جواد عمر چيو ته والد جي صحت جي حوالي سان ماڻهو سوشل ميڊيا تي ناڪاري ۽ ڪوڙيون خبرون پکيڙي رهيا آهن سندس چاهيندڙ سندس صحتيابي لاءِ دعا ڪن.