ڪنري (رپورٽ:انيل ڪمار مڪواڻا) بلدياتي چونڊون، عمرڪوٽ ضلعي ۾ 5 لک کان مٿي ووٽر ووٽ جو حق استمعال ڪندا، ضلعي ۾ امان و امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ 2 ھزار پوليس اھلڪار ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا، ضلعي پوليس پاران سيڪيورٽي پلان جوڙيو ويو. تفصيل موجب 26 جون تي عمرڪوٽ ضلعي ۾ به بلدياتي چونڊون ٿي رھيون آھن. ضلعي پوليس پاران چونڊ ڏينھن امن و امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ سيڪيورٽي پلان جوڙيو ويو آھي. ڊي آر او پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق ضلعي جي ڪُل 1073433 آبادي مان 578149 ووٽر پنھنجي ووٽ جو حق استمعال ڪندا، جنھن ۾ 270629 عورتون ۽ 307520 مرد ووٽر ووٽ ڏيندا، چونڊن لاءِ 480 پولنگ اسٽيشن ۽ 1378 پولنگ بوٿ جي لاءِ 1841 پوليس آفيسر ۽ اھلڪار ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا،