عمرڪوٽ (رپورٽ: اوي گوسوامي) عمرڪوٽ ڀرسان جاگير موڙ وٽ ڏکوئيندڙ روڊ حادثو پيش آيو، ڳوٺ دوست محمد راڄڙ کان عمرڪوٽ ڏانھن ايندڙ موٽرسائيڪل ۽ سامھون ايندڙ تيز رفتار ڊمپر ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ نوجوان آسن ڀيل، 65 سالن جي سندس پيرسن امڙ شريمتي بصران ڀيل ۽ 27 سالن جي سندس گھر واري شريمتي پٺاڻي ڀيل موقعي تي فوت ٿي ويا. روڊ حادثي بعد ڀرپاسي جا سوين ماڻھو موقعي تي پُھچي ويا، جڏھن ته ايمبولنس نه پُھچڻ ڪري لاش ٻن ڪلاڪن تائين روڊ تي پيل رھيا، جيڪي بعد ۾ اطلاع تي عمرڪوٽ پوليس پُھچي لاش موبائيل گاڏي ۾ کڻي سول اسپتال پُھچايا، جتي پ پ ايم پي اي صوبائي صلاحڪار وڪيل پونجو مل ڀيل سميت سوين شھري گڏ ٿي ويا، فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي ڳوٺ کڻائي پُھتا ته روڄ راڙو مچي ويو ۽ علائقي ۾ پڻ سوڳوار ماحول ڇانئجي ويو، عمرڪوٽ پوليس ڊمپر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏھن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.  روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل آسن ڀيل جي نياڻي موٽرسائيڪل تي اڳيان ويٺل 3 سالن جي معصوم ٻارڙي معجزاڻي طور بچي وئي، جيڪا سندن وارثن جي لاش تي زارو قطار روئيندي رھي جنھن کي بعد ۾ اطلاع ملڻ تي سندن ڏاڏي پُھچي ھنج ۾ وٺي ڀاڪرو وجهي اُڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪيون ته اسپتال جو ماحول سوڳوار ٿي ويو بيٺل هر ماڻهو جي اکين مان لڙڪ لڙي آيا.