حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ 2009ع ۾ پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي اميدوارن کي ملازمتون نه ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي ڊي اي او عمرڪوٽ کي ٽن هفتن ۾ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عمرڪوٽ واسي اسماعيل ڪنڀر، سڪندر شاهاڻي، محمد رفيق سميت 467 اميدوارن پنهنجي وڪيل شبير مري معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي چيف سيڪريٽري سنڌ، تعليم کاتي جي سيڪريٽري، ڊي اي او عمرڪوٽ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ وٺندڙ انتظاميا کي ڌر بڻائيندي چيو ته تعليم کاتي پاران استادن جي ڀرتين دوران عمرڪوٽ ۾ 1094 استاد لاءِ 2009ع ۾ جي اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي. ٽيسٽ ۾ 3530 اميدوارن حصو ورتو جنهن مان 1740 اميدوار پاس ٿيا هئا. پاس ٿيڻ باوجود کين 12 سالن کان نوڪريون ناهن ڏنيون ويون. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس راشده اسد تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. وڪيل چيو ته تعليم کاتي عمرڪوٽ پاس ٿيل اميدوارن مان رڳو من پسند 275 اميدوارن کي نوڪريون ڏنيون جن مان 267 ڄڻن کي پي ايس ٽي ۽ 8 اميدوارن کي جي اي ايس ٽي طور مقرر ڪيو جڏهن ته باقي اميدوار نوڪرين لاءِ آفيسن جا چڪر پيا ڪاٽين. عدالت تعليم کاتي جي عملدارن کان پڇا ڪئي ته اوهان اڃا تائين اميدوارن کي نوڪريون ڇو نه ڏنيون آهن؟ تعليم کاتي جي عملدارن چيو ته اسڪروٽني ۾ وقت لڳي ٿو، اها مڪمل ٿيڻ بعد اميدوارن کي نوڪريون ڏنيون وينديون. عملدارن جي اهڙي جواب بعد جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏنا ته کين آخري موقعو فراهم ڪيو پيو وڃي ٿو، ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيل نه ڏنا ويا ته عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيندي.