عمرڪوٽ ۾ واپاري کي پُٽ سميت زخمي ڪرڻ خلاف شٽر بند هڙتال

0
346

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ ڦر مزاحمت دوران واپاري کي پُٽ سميت زخمي ڪرڻ واري واقعي خلاف شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آھي

واپارين مختلف بازارن ۾ ڪاروبار بند رکي الله والا چوڪ تي ڌرڻو ھنيو، جنھن دوران پوليس ۽ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي وئي

واقعي خلاف ڇاڇرو ۾ به احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جتي بھ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي ۽ مطالبو ڪيو تھ ڦر واقعن تي ضابطو آندو وڃي

اڳواڻن چيو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، پوليس جي خاطرين تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو