عمرڪوٽ (رپورٽر) ٿرپارڪر ضلعي جي علائقن ڳوٺ ڪٻڙي، کينسر، کٽڪڙي ۽ کيمي جو پار واسين بدامني خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي حاجي رئوف راھمون، اڪبر راھمون، حنيف، عبدالغني، منصور راھمون، دلاور ۽ ٻين چيو ته ٿر جي علائقن ۾ ھڪ کان ٻه ڪروڙ تائين جون چوريون ۽ ڌاڙا لڳي چڪا آھن پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، هنن چيو ته ٿر جا مقامي ڀوتار ۽ سياسي وڏيرا مبينا طور چورين ۾ ملوث ڏوھارين جي پٺڀرائي ڪندي خاموش تماشائي بڻيل آھن، ٿر واسي رسول بخش ۽ محمد سليم راھمون جي گھرن ۾ ڌاڙا ھڻي ڦورو لکين روپين جو سامان کڻي ويا پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، هنن علائقي مان بدامني ختم ڪرائڻ جي گهر ڪئي.