حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي اسڪولن مان سامان جي چوري ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ ايس ايچ او کوکرا پار کي نوٽيس جاري ڪندي کين 29 سيپٽمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سماجي اڳواڻ ارباب ابراھيم راھمون وڪيل ڀڳوانداس معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ سندس موقف آهي ته ڪافي وقت کان ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جي مختلف ڳوٺن ۾ قائم اسڪولن مان بااثر ماڻھو اسڪولن ۾ لڳل لوهه، سرون، ماربل ۽ ٻيو سامان چوري ڪري گھرن ۾ استعمال ڪري رهيا آهن. تازو ڳوٺ ڪيرلو نصيراڻي پاڙي جي پرائمري اسڪول مان پڻ گارڊر، ٽيئر، سرون، ماربل ۽ ٻيو سامان چوري ٿي ويو آهي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته بااثر ماڻهن خلاف لاڳاپيل سيشن جج جي عدالت ۾ 22 اي جي درخواست داخل ڪرائي هئي پر عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد انهن هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو آهي. وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺندي چوري ۾ ملوث بااثر ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ايندڙ ٻڌڻي تي تعليم کاتي جي عملدارن کي به سمورو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.