عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ جي ڪيٽل فارم ۾ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ صوبائي وزير سردار شاهه ٻارن جي پڙهائي لاءِ ٽينٽ سٽي اسڪول قائم ڪيو هو، جيڪو هڪ هفتو هلڻ بعد ۽ استادن جي نه اچڻ سبب بند ٿي ويو آهي، ڪالھه استاد جي نه اچڻ تي ٻار انتظار ڪري واپس پنهنجي خيمن ۾ هليا ويا، سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته صوبائي وزير جي دعويٰ باوجود اسڪول هلي ناهي سگهيو، هنن چيو ته ڊيوٽي نه ڪندڙ استاد خلاف ڪارروائي ڪري اسڪول کولرايو وڃي،