عمرڪوٽ (رپورٽ: )22هون آل سنڌ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ کٽي ورتو. ان سلسلي ۾ ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 25 اوورن ۾ 329 رنز ٺاهيون، ذڪريا افضل 126 ۽ رميز عزيز 88 رنز ٺاھي نمايان رھيا. 330 رنز جي هدف پٺيان جانباز ٽنڊوآدم جي ٽيم 15 اوورن ۾ صرف 126 رنز تي ڍير وئي، ذڪريا ڪرڪيٽ ڪلب طرفان خزيمه، محمد سميع ۽ انور خان 2،2 وڪيٽون ورتيون. اھڙي طرح مين آف دي ميچ محمد افضل ۽ بيسٽ بالر خزيمه ۽ مين آف دي سيريز انور علي کي قرار ڏنو ويو. بھترين امپائرنگ تي عبدالستار ۽ شاھد عباسي کي ايوارڊ ڏنا ويا.