عمرڪوٽ (اسپورٽس نيوز) 22هون السنڌ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ھارڊ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ستين رائونڊ ميچ جيئم خانا ڪراچي ۽ دادو برادرس وچ ۾ ٿي، دادو برادرس پهرين بيٽنگ ڪندي پنهنجي مقرر 25 اوورن ۾ 193 رنز ٺاهيون، شاھزيب 45 رنز ٺاھي نمايان رھيو، جيئم خانا ڪراچي جي بالر عارف 3 وڪيٽون پنھنجي نالي ڪيون، جواب ۾ 193 رنسن جو هدف جيئم خانا ڪراچي 18 اوورن ۾ مڪمل ڪري ورتو، جيئم خانا ڪراچي جي بيٽسمين ھارون 85 ۽ ذاڪر ملڪ 19 بالن تي 7 ڇڪن جي مدد سان 61 رنسون ٺاھيون، جڏهن ته مين آف دي ميچ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي ھارون کي قرار ڏنو ويو.