عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ جي عدالت موٽرسائيڪل چوري الزام ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي 2 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو. هڪ سال پهرين ڪنري ڀرسان ٽن جوابدارن مريد کوسو، هاشم کوسو ۽ قاسم کوسو، غلام رسول چوهاڻ کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا. جڏهن ته بعد ۾ ڪنري پوليس ٻن جوابدارن مريد کوسو ۽ قاسم کوسو کي گرفتار ڪري ورتو هو. جڏهن ته هڪ ڄڻو هاشم کوسو پوليس کي هٿ اچي نه سگهيو هو غلام رسول چوهاڻ جي فرياد تي ٽن جوابدارن مٿان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو جيڪو ڪيس سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٽو رسول بخش درس جي عدالت ۾ هلندڙ هو، عدالت سڳوري ڪيس جي ٻڌڻي دوران هڪ جوابدار ھاشم کي روپوش قرار ڏيندي ٻن جوابدارن قاسم کوسو ۽ مريد کوسو کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو.