عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ واسي سوشل ميڊيا تي مذهب خلاف پوسٽ رکندڙ شنڪر مالهي کي سخت پهري هيٺ سول اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٽو جي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، عدالت سڳوري شنڪر مالهي کي پنج ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي ميرپورخاص جي ڊسٽرڪٽ جيل اماڻي ڇڏيو، جتي جيل ۾ به شنڪر مالهي کي سخت پهري هيٺ رکيو ويندو. جڏهن ته چار ڏينهن جو جوڊيشل رمانڊ پورو ٿيڻ بعد ٻيهر عدالت سڳوري آڏو پيش ڪيو ويندو. مذهبي ڌرين پاران سخت احتجاج بعد عمرڪوٽ پوليس سوشل ميڊيا تي غلط پوسٽ جي الزام هيٺ آيل شنڪر مالهي کي حيدرآباد مان گرفتار ڪيو هو.