عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ جي رونجھا پاڙي ۾ 3 ورهين جو معصوم ٻارڙو برساتي پاڻي جي تلاءُ ۾ ٻُڏي فوت ٿي ويو، معصوم مٺو ولد دلشير رونجھو اڱاري ڏينھن راند ڪندي گم ٿي ويو ھو، سندس مائٽن پاران ڳولا بعد سٽي ٿاڻي تي سندس گمشدگي جي اين سي به داخل ڪرائي وئي ھئي، جڏهن ته اڄ معصوم ٻالڪ جو لاش ڀرواري برساتي پاڻي جي تلاءُ مان ھٿ آيو.  ٻي طرف ٻالڪ جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.s