عمرڪوٽ (رپورٽ: اوي گوسوامي) بودر فارم ٿاڻي جي حد ۾ سڳي ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي پسٽل جا فائر ڪري شديد زخمي ڪري ڇڏيو، سول اسپتال عمرڪوٽ داخل، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر، جوابدار فرار ٿي ويو. عمرڪوٽ ويجهو بودر فارم ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڏگو فارم ۾ زميندار يار محمد لاشاري جي زرعي زمين تي هارپو ڪندڙ ڪيول ڀيل پنهنجي 17 ورهين جي ڀيڻ سگهنا ڀيل کي پسٽل جا ٽي فائر ڪري شديد زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال عمرڪوٽ آندو ويو جتي زخمي ٿيل ناري سگهنا ڀيل کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد جي اسپتال ڏانهن ريفر ڪيو ويو. پسٽل جون گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل ناري سگهنا ڀيل پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڀاءُ ڪيول مونکان ماني گهري ته مون ماني کڻي ڏني ته مونکي چيو ته ڀاڄي کڻي اچ، مون چيو ته ڀاڄي گهر ۾ هئي ڪونه انهيءَ جي ڪري نه ڏني، جنهن تان ڀاءُ ڪيول ڀيل ڪاوڙ ۾ اچي مون تي پسٽل جا سڌا فائر ڪيا. جڏهن ته سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ موجود زخمي ٿيل ناري سگهنا ڀيل جي چاچي ڀٽو ڀيل ٻڌايو ته منهنجي ڀائٽي ڪيول ڀيل منهنجي ڀائٽي سگهنا ڀيل کي ڪارنهن جو الزام مڙهي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي منهنجي ڀائٽي سگهنا ڀيل کي گوليون هڻڻ کانپوءِ ڪيول ڀيل فرار ٿي ويو آهي. جڏهن ته ناري سگهنا ڀيل کي ٽي گوليون ڇاتي ۽ پيٽ ۾ لڳل آهن، بودر فارم ٿاڻي جي پوليس اڃا تائين جوابدار ڪيول ڀيل کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي ۽ نه ئي وري واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي.