عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ لڳ ديھه لاشاري ۾ ٻن ڌرين ۾ زمين مالڪي تان تڪرار، هڪ ڌر پاران احتجاجي مظاهرو، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن ممتاز لاشاري، شوڪت لاشاري، اعجاز لاشاري، اشرف، جهامن ڀيل ۽ ٻين  ڳوٺ اميد علي لاشاري ويجھو احتجاجي ظاهرو ڪندي الزام هنيو ته بااثر اسان جي اباڻي زمين تي قبضو ڪري  خونريزي ڪرائڻ چاھين ٿا، علائقي ۾ فائرنگ ڪري ڏهڪاءُ پکيڙيو ويو آهي، اسان جي زمين جا   جعلسازي ذريعي کاتا مٽايا ويا،  هنن چيو ته سميجا ڌر ناانصافي ڪري رهي آهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.