عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ جي عدالت ٻڪري چوري الزام ۾ ٽن جوابدارن کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو. پنج مهينا پهرين عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ خالد سراج سومرو جي رهواسي چترو ڪولهي جون ٻه رڍون جوابدار ساجد علي خاصخيلي، پرويز ۽ ذاڪر لغاري چوري ڪري ويا هئا اهڙو ڪيس چترو ڪولهي جي فرياد تي عمرڪوٽ سٽي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو جيڪو ڪيس سول اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٽو جي عدالت ۾ ھلندڙ هو. عدالت سڳوري ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي گرفتار جوابدار ساجد علي خاصخيلي، پرويز ۽ ڪيس ۾ روپوش ڄاڻايل جوابدار ذاڪر لغاري کي به بري ڪري ڇڏيو.