عمرڪوٽ: جي ڊي اي جا اميدوار عدالت مان رليف وٺڻ ۾ ڪامياب

0
273
عمرڪوٽ: جي ڊي اي

عمرڪوٽ: سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بينچ جي ڊي اي اميدوار غلام محمد مهر، سنجر خان مهر ۽ نظر محمد مهر عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، 20-20 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

ٽي ڏينهن اڳ آر او آفيس ۾ جي ڊي اي ۽ پيپلزپارٽي جي اميدوارن وچ ۾ منهن ماري جو واقعو رپورٽ ٿيو هو، جنهن بعد جي ڊي اي اميدوارن تي ڪيس داخل ڪرايو ويو هو

جي ڊي اي اميدوار غلام محمد مهر، سنجر خان مهر ۽ نظر محمد مهر سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سان رباطو ڪيو، جتان کين 20-20 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت ملي آهي

پيپلزپارٽي جي اميدوار ساجد شاھ ۽ آر او بلال احمد ڀٽي جي فرياد تي جي ڊي اي جي ٽن اميدوارن خلاف ڌمڪين ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس ٿيو هو

ھي به پڙھندا

ٽنڊو غلام حيدر ۾ راڄوڻي اتحاد پاران اميدوارن جي نالن جو اعلان