عمرڪوٽ (رپورٽر) سماجي اڳواڻ عباس کوسو سول سوسائٽي اڳواڻن سان گڏجي عورتن جي حقن بابت پريس ڪانفرنس ڪندي عورتن کي بلدياتي چونڊ عمل ۾ ڀرپور نمائندگي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي، ان موقعي تي عورت اڳواڻ ڪلثوم سنڌو، سردار ڀيو،  غلام مصطفيٰ کوسو، محمد بخش ڪنڀر ۽ عبدالله کوسو موجود ھئا، عباس کوسو ڪلثوم سنڌو ۽ ٻين چيو ته عمرڪوٽ جي 42 يوسيز 07 ٽائون ڪميٽين ۽ ھڪ ميونسپل ڪميٽي ۾ صرف 02 عورتون جرنل اليڪشن ۾ بيٺل آھن. عورتن جي نمائندگي لاءِ قانون سازي جي ضرورت آھي.