عمرڪوٽ (رپورٽر) تيز طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب عمرڪوٽ تعلقي جي رڳو ھڪڙي يونين ڪائونسل ميان شاهه جا 10 ڳوٺ مڪمل طور تي ٻڏل آھن، گذريل ٻن مھينن کان ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل ھجڻ ۽ واھر نه ٿيڻ خلاف متاثرن باغي سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ان موقعي تي مظاھرين ٻڌايو ته ڳوٺ ماکيارو، سومرا، مورند، پاتو، محمد حسن مري، ويسر منگريو سميت 10 ڳوٺ ٻن مھينن کان پاڻي ھيٺ آيل آھن، هنن چيو ته لکين رپين جو سامان ۽ اناج لڙھي ويو ۽ سوين ايڪڙ فصل سڙي ختم ٿي ويو پر تڪ جي چونڊيل نمائندن توڙي فوڪل پرسن ڪا به سار نه لڌي آھي، هنن مطالبو ڪيو ته متاثرن جي واهر ڪري پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي،