حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد رينج ۾ پوليس پاران ٽرانسپورٽر کي کنڀي گم ڪرڻ کانپوءِ ٻي انوکي ڪارروائي به منظر عام تي اچي وئي آهي. پوليس 20 ڏينهن اڳ ٽول پلازه وٽان کنڀي گم ڪيل حيدرآباد واسي 2 ڄڻن جي چمبڙ مان 200 مين پڙيون هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته حيدرآباد جي پريٽ آباد ۽ نوراني بستي سان تعلق رکندڙ شهزاد عرف ڀورو قريشي ۽ سفير بهليم 22 اپريل تي عمري جي سعادت ماڻڻ بعد ڪراچي کان پنهنجي گاڏين ۾ حيدرآباد اچي رهيا هئا ته پوليس کين ٽول پلازه وٽان تحويل ۾ وٺي گم ڪيو هو پر چمبڙ پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته 10 مئي تي رات جو ٽنڊوالهيار روڊ تي گشت دوران صديق مسافر خاني وٽ موٽرسائيڪل تي سوار ٻن شڪي ماڻهن کي تحويل ۾ وٺي سندن تلاشي ورتي ته انهن جي قبضي مان 2 پلاسٽڪ جا بيگ هٿ آيا جن ۾ 200 مين پڙيون رکيل هيون ۽ گرفتار ٿيلن کان مين پڙين بابت پڇا ڪئي وئي ته انهن کين ٻڌايو ته هو مختلف هنڌن تي وڪري لاءِ کڻي پئي ويا. پوليس ٻنهي جوابدارن کي ٽنڊوالهيار جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتان عدالت کين جڊيشل رمانڊ تي 14 ڏينهن جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. پوليس پاران 20 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل شهزاد ۽ سمير پنهنجي مائٽن کي ٻڌايو آهي ته پوليس سان گڏ کين ساده ڪپڙا پهريل ماڻهن ٽول پلازه وٽان کنڀڻ بعد اڌ ڪلاڪ گاڏين ۾ گهمائي هڪ جاءِ ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو ۽ هڪ رات اڳ دير سان کين چمبڙ پوليس حوالي ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڄڻن کي حيدرآباد پوليس جي اعليٰ عملدارن جي چوڻ تي کنڀي گم ڪرڻ بعد مختلف هنڌن تي قيد ۾ رکيو ويو هو پر معاملو ميڊيا تي نشر ٿيڻ بعد کين چمبڙ پوليس حوالي ڪري گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ مارڪيٽ واري علائقي مان به گڊز ٽرانسپورٽر کي پوليس کنڀي گم ڪيو هو پر واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج منظر عام اچڻ ۽ معاملو ميڊيا تي نشر ٿيڻ کانپوءِ کيس ٽنڊوالهيار ضلعي جي بڪيرا ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو ويو. بعد ۾ ان ٽراسپورٽر جي به پوليس منشيات ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي هئي.