لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان 26 نومبر تي راولپنڊي ايندو، لانگ مارچ جي قافلن جو استقبال ڪندو، تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران جي صدارت هيٺ لاهور ۾ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ لانگ مارچ ۽ ٻين سياسي معاملن تي مشاورت ڪئي وئي، اجلاس کانپوءِ شاهه محمود قريشي اسد عمر، فواد چوڌري ۽ ٻيان اڳواڻن سان گڏ ميديا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته عمران خان 26 نومبر تي راولپنڊي ايندو ۽ لانگ مارچ ۾ شريڪ ڪارڪنن کي خطاب ڪندو، سڀئي وقت تي شرڪت يقيني بڻائن، اسانجو لانگ مارچ روات تائين پرامن طور پڄاڻي تي پهتو، اڳتي به آئين ۽ قانون جي دائري ۾ پرامن هوندو، شاهه محمود قريشي چيو ته  عمران تي حملي جي اسانجي ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي، اسان شهبازشريف، رانا ثناءُ الله ۽ جنرل فيصل جا نالا ڏنا، هي ٽئي ايڏا طاقتور آهن، جو پوليس ڪيس داخل نه ڪيو، ٽنهي شخصيتن جي عهدي تي قائم هوندي اسان کي انصاف جي اميد ناهي، مهذب معاشري ۾ جيڪڏهن ڪنهن تي آڱريون کڄنديون آهن ته اهو پاڻ کي عهدي کان ڌار ڪري ڇڏيندو آهي، جيئن شفاف جاچ ٿي سگهي، ليگي اڳواڻ جي بيان بعد عمران خان جي قتل جي منصوبابندي واضح ٿي وئي، هن چيو ته اڄ فيصل آباد مان هڪ وفد به عمران خان سان ملڻ آيو، فوري طور چونڊون نه ڪرايون ويون ته ملڪ ڏيوالو ٿي ويندو، ان موقعي تي اسد عمر چيو ته راولپنڊي ۾ سڄي ملڪ مان قافلا پهچندا، ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو لانگ مارچ  هوندو، پاڪستان جا فيصلا ڪرڻ جو حق عوام جو آهي، هن چيو ته پنهنجي محبوب ليڊر عمران خان تي حملي سبب ماڻهو ڪاوڙيل آهن، اعظم سواتي سان جيڪو ورتاءُ ڪيو ويو، ان ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي، صحافي ارشد شريف جي قتل تي عوام ۾ ڪاوڙ آهي، سڀني کي دعوت ڏيان ٿو ته 26 نومبر تي راولپنڊي پهچن.