اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته 84 سيٽون کٽيندڙ چون ٿا 155 سيٽن واري پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي وڃي، عمران خان ۽ پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ توهان جي وس جي ڳالهه نه آهي، پنهنجي قد ڪاٺ موجب ڳالهه ڪريو، وفاقي حڪومت وٽ ڪنهن پارٽي مٿان پابندي لڳائڻ جو اختيار ئي ناهي، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اميد آهي ته عدالت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم ڪري ڇڏيندي، پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري حڪمران اتحاد ۽ اليڪشن ڪميشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪميشن جي فيصلي ۾ جهول جا پهاڙ آهن، قانون واري وزير جي چوڻ تي فنڊنگ فيصلو تبديل ڪيو ويو،

ريفرنس حڪومت کي اماڻڻ جو ذڪر نه هو، سمنڊ پار پاڪستانين کي غيرملڪي شهري قرار ڏنو ويو، ته ڪميشن تڪڙ ۾ 2 فيصلا ڏنا آهن، ڪميشن خلاف اپيل داخل ڪرڻ سان گڏ ڪارروائي جو به چونداسين، سڪندر سلطان راجا ۽ سنڌ جي ميمبر خلاف ريفرنس داخل ٿي چڪو آهي.  فواد چوڌري چيو ته سڀاڻي اڄ پي ٽي آءِ جو اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران احتجاج ٿيڻو آهي، جنهن تي کين ڳڻتي ورائي وئي، رانا ثناءُالله پريشان نه ٿئي، احتجاج پرامن هوندو، حڪومت کي گهر موڪلڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چيو ويندو، جلد هي حڪومت گوڏن تي اچي ويندي، هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب چيو ته حڪومتي قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته 13 جون 13 ئي پارٽيون عمران خان کان ڊنل آهن حڪومت جي ڪريل حربن سان عمران خان جي مقبوليت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.