ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سلمان احمد چيو آهي ته عمران ۽ ميجر (ر) خرم حميد روکهڙي ۾ سال کان ڪنهن مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ئي ناهي ٿي، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سلمان احمد چيو ته مونکي عمران خان ڪڏهن ناهي چيو ته توهان وڃي ملاقات ڪريو، ميجر (ر) خرم تاثر ڏنو ته کيس ميجر جنرل فيصل نصر سان ملاقات لاءِ مون يا عمران خان چيو هجي، هن چيو ته عمران خان ۽ ميجر (ر) خرم ۾ هڪ سال کان رابطو ئي ناهي، جيڪڏهن ڪير ويجهو بيٺل هجي ته ان جو اهو مطلب ناهي ته ملاقات ٿي. هن چيو ته وزيرآباد واقعي بعد به جنرل فيصل سان ملاقات لاءِ نه چيو ويو، ميجر (ر) خرم سان منهنجي سٺي دوستي آهي، مونکي هن چيو ته ميجر جنرل فيصل سان ملڻ وڃڻو آهي. هڪ سوال تي سلمان احمد چيو ته آئون پبلڪ فگر آهيان، عالمي ادارن ۽ قومي ادارن سان ملندو آهيان، مونکي انهن سان ملڻ لاءِ ڪنهن کان اجازت وٺڻ جي ضرورت ناهي.