جيڪب آباد/لاهور(رپورٽر+ م ڊ) غريبن جي مدد جي دعويدار پي ٽي آءِ جو اهم اڳواڻ شاهه محمود قريشي سنڌ جي ڀيليسيميا متاثر ٻارڙي جي مدد ۽ ملاقات ڪرڻ بدران کيس نظرانداز ڪري هليو ويو. جيڪب آباد مان مدد جي تلاش ۾ لاهور ۾ عمران خان جي گهر جي ٻاهران زمان پارڪ پهتل ٿيليسيميا جي مريض ٻار زبير احمد راهو پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي گاڏي جي سامهون اچي کيس ٻانهون ٻڌي مدد ۽ عمران سان ملائڻ جي اپيل ڪئي. پر شاهه محمود قريشي کيس نظرانداز ڪري گاڏي ۾ هليو ويو. زبير احمد جي پيءُ نور احمد راهوجو ٻڌايو ته منهنجي پٽ جي خواهش آهي ته مرڻ کان پهريان عمران خان سان ملاقات ڪريان جنهن جي ضد تي آئون لاهور آيو آهيان روز عمران خان ملڻ لاءِ ويندا آهيون پر ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي هن چيو ته منهنجي پٽ شاھه محمود قريشي کي عمران خان ملڻ لاءِ منٿون ڪيون پر شاھه صاحب گاڏي جا شيشا مٿي ڪري هليو ويو آهي.