اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف عدت جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي خلاف عدت جو ڪيس اسلام آباد جي سينئر سول جج جي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. ڪيس جي درخواستگذار طرفان ٽئين گواهه جو بيان عدالت ۾ قلمبند ڪرائڻ جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب عمران خان جو اڳوڻو ويجهو ساٿي عون چوڌري ڪيس ۾ بطور گواهه شامل  ٿيندو ۽ هو پنهنجو بيان اڄ يا پنهنجي موجود هجڻ تي عدالت ۾ قلمبند ڪرائيندو.