لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان گيس ماسڪ لڳائي ڪارڪنن سان ملڻ گهر کان ٻاهر آيو، عمران خان زمان پارڪ ۾ پنهنجي رهائشگاهه کان ٻاهر نڪري آيو، ان وقت کيس گيس وارو ماسڪ پهريل هو، عمران خان ڪارڪنن سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪري حوصلو ڏنو، جنهن کانپوءِ واپس رهائشگاهه هليو ويو.