لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري لاءِ  پوليس جو ڇاپو، ڪارڪنن جي ڀرپور مزاحمت، پٿراءُ، پيٽرول بم اڇلايا ويا، ڊي آءِ جي اسلام آباد سميت 14 ڄڻا زخمي، زمان پارڪ سڄو ڏينهن ميدان جنگ بڻيل رهيو، پوليس جو عمران جي گرفتاري بنا واپس نه موٽڻ جو اعلان ڪيو آهي، توشا خانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ چوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ اسلام آباد پوليس جي ٽيم لاهور پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري زمان پارڪ پهتي ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن سندن آڏو ديوار بڻجي ويا ۽ پوليس سان ڀرپور مزاحمت ڪئي، کين عمران خان تائين رسائي کان روڪي ورتو، ڪارڪن ڏنڊا کڻي بيهي رهيا، پوليس اهلڪارن جيئن زمان پارڪ اندر وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته مڇريل ڪارڪنن مٿن ڏنڊا وسايا، گُلينن سان نشانو بڻايو، ماريو، ماريو جا نعرا هنيا، سخت ڇڪتاڻ ۽ ڪيترائي ڪلاڪ علائقو ميدان جنگ بڻجڻ بعد پوليس وڌيڪ نفري کي گهرايو ۽ جوابي ڪارروائي ڪندي ڪارڪنن تي لٺبازي، شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪري ڇڙ وڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ميڊيا رپورٽ موجب پوليس 500 ڳوڙها آڻيندڙ شيل به فائر 400 کان ڪيا پر ڪارڪن ڄمي بيهي رهيا، پوليس وڏي ويڙهه ۽ جهڙپن بعد زمان پارڪ جي گيٽ تائين ڪنٽرول سنڀالي ورتو پر اتي به ڪارڪنن اهلڪارن سان ڀرپور مزاحمت ۽ پٿراءُ ڪيو، جنهن دوران ڊي آءِ جي اسلام آباد شهزاد بخاري سميت 14 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، تحريڪ انصاف ڪارڪنن پيٽرول بم اڇلائي پوليس جي واٽر ڪينن کي باهه لڳائي ڇڏي، پوليس ترجمان موجب پوليس تي پٿراءُ عمران خان جي گهر جي ڇت تان ڪيو ويو، پٿراءَ باوجود پوليس انتهائي قدم کڻڻ کان پاسو ڪيو، ڊي آءِ جي آپريشنز جي جاءِ تي ايس پي رانا حسين طاهر چارج سنڀالي آهي، ايس ايس پي آپريشنز لاهور شعيب اشرف ۽ ايس پي سرفراز ورڪ به ڪارروائي ۾ شامل آهن، پوليس جي بڪتربند گاڏي به زمان پارڪ ٻاهران موجود آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته پٿراءُ ۽ تشدد ۾ ملوث پي ٽي آءِ جي 15 ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو آهي، جڏهن ته عمران خان جي گرفتاري کان بنا واپس نه وينداسين، عدالتي حڪم تي پورو ڪنداسين،  هوڏانهن صورتحال تي ڪنٽرول لاءِ رينجرز کي به طلب ڪيو ويو آهي، زمان پارڪ جي هيليڪاپٽر ذريعي فضائي نگراني به ڪئي پئي وڃي. پي ٽي آءِ اڳواڻ  علي زيدي جو چوڻ آهي ته پوليس وارا هاڻ عمران خان جي رهائشگاهه اندر ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل اڇلائي رهيا آهن، اسان عمران خان جو دفاع ڪري رهيا آهيون،  پنهنجي دم تائين عمران خان جو دفاع ڪنداسين، پي ڊي ايم پنهنجا آخري پساهه کڻي رهي آهي. هوڏانهن وفاقي حڪومت لاهور ۾ 22 مارچ تائين رينجرز مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پنجاب جي گهرو وزارت لاهور ۾ امن امان صورتحال جو مسئلو ڄاڻائي رينجرز مقرري جي درخواست ڪئي، جنهن تي وفاقي گهرو وزارت رينجرز جي مقرري جي منظوري ڏني، لاهور ۾ 22 مارچ تائين مقرر رهندي.

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد ۽ لاهور پوليس مون کي گرفتاري ڪرڻ جي لاءِ زمان پارڪ پهچي وئي آهي. مون کي قتل يا جيل اماڻيو وڃي ته عوام کي جدوجهد جاري رکڻي آهي. عمران خان اهم پيغام ڏيندي چيو آهي ته هنن جو خيال آهي ته عمران خان جيل ويندو ته قوم سمهي رهندي، اوهان کي هنن جي خيالن کي غلط ثابت ڪرڻو آهي، اوهان کي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اوهان زنده قوم ۽ نبي جي امت آهيو، لاالالله جي نعري تي بڻجندڙ قوم آهيو. عمران خان چيو ته اوهان کي پنهنجن حقن ۽ حقيقي آزادي جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي ۽ ٻاهر نڪرڻو پوندو، مون سڄي زندگي اوهان جي جنگ وڙهي آهي ۽ وڙهي رهيو آهيان، چورن جي بدترين غلامي ۽ هڪ ماڻهو جيڪو ملڪ جي لاءِ فيصلا ڪر ي رهيو آهي ان کي ڪڏهن به قبول نه ڪندس. هن چيو ته مون کي ڪجهه به ٿئي، جيل اماڻيو وڃي يا قتل ڪيو وڃي ته اوهان کي ثابت ڪرڻو آهي ته عمران خان کانسواءِ به هي قوم جدوجهد ڪندي رهندي.