ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا جي ميمبرن شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر شاھه،  شهلا رضا، نواب تيمور ٽالپر ۽ قاسم نويد چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي تاريخي فيصلي مان  ثابت ٿي ويو ته عمران خان انٽرنيشنل چور ۽  مني لانڊرز آهي، هاڻ هو صادق ۽ امين ناهي رهيو، وفاقي حڪومت ايف آءِ اي نيب، ايف بي آر، اسٽيٽ بينڪ کي فوري طور تي تحرڪ ۾ آڻي عمران خان ۽ سندس ساٿين جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا وڃن ته جيئن اهي ماڻهو ملڪ مان فرار ٿي نٿا سگھن. وفاقي حڪومت انهي مامري تي وڌيڪ جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي، جڏهن ته  قانون اجازت ڏئي ته عمران خان کي گرفتار ڪيو وڃي. ڪالهه سنڌ اسيمبلي آڊيٽوريم ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس  ڪندي هنن چيو ته  عمران پاڪستان لاءِ بدنامي جو ڪارڻ بڻيو آهي، هاڻي اسان جي ملڪ کي چيرٽي( خيرات)  ڪير ڏيندو؟ هنن چيو ته  لاڏلا ازم جو خاتمو ڪرڻو پوندو.  جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته عوام روڊن تي هوندو.  هنن چيو ته عمران خان ۽ سندس جماعت تي پابندي لڳڻ گهرجي. ھنن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته اھا ان معاملي تي سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪري. s