عمران کي ٻيهر وزيراعظم بڻائڻو آهي، ڪارڪن تياري ڪن: شاهه محمود قريشي

0
148
عمران کي ٻيهر وزيراعظم بڻائڻو آهي
عمران کي ٻيهر وزيراعظم بڻائڻو آهي، ڪارڪن تياري ڪن: شاهه محمود قريشي

ملتان (م ڊ) تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي سياسي تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ نظريئه ضرورت کي سدائين لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستاني قوم کي فخر آهي ته آئين ۽ ضمير جي بنياد تي فيصلا ڪندڙ اڄ به زنده آهن، جمهوري قوتن، آئيني قوتن ۽ غير جمهوري ۽ غير آئيني قوتن ۾ فرق اڄ واضح ٿي ويو آهي، آئين جي بالادستي لاءِ ٻاهر نڪرڻ تي هو سڄي ملڪ جي وڪيلن کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي ته اڄ ته توهان آزاد ٿي ويا آهيو، آئون چيف اليڪشن ڪمشنر کي مبارڪباد ڏي ٿو ته توهان جا هٿ هاڻي ٻڌل ناهن

هن چيو ته آئون تحريڪ انصاف جي سمورن ڪارڪنن ۽ تنظيمن کي چوان ٿو ته اُهي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وڃن ۽ چونڊن جي تياري ڪن، تحريڪ انصاف جا ڪارڪن تيار ٿي وڃن، توهان کي ٻيهر عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻو آهي

هن کي به پڙهندا

اليڪشن ملتوي ڪيس: صدر جو فيصلو بحال: عدالت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو اڏائي ڇڏيو، وڏو حڪم جاري

4اپريل تي ذوالفقار ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو، اڄ وري عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو: وزير اعظم

وفاقي ڪابينا اليڪشن بابت سُپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو

وفاقي ڪابينا پاران فيصلي کي رد ڪرڻ ڪافي ناهي، آئين جا بخيا اڍيڙيندڙ کي ڪٽهڙي۾آڻيو: مريم نواز