لاهور(م ڊ) مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ جاويد لطيف الزام هنيو آهي ته عمران خان کي ٻيهر آڻڻ لاءِ سهولتڪاري ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ هڪ اداري جا ڪجهه ماڻهو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو ته سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر امان الله ڪنراڻي جيڪي انڪشاف ڪيا انهن تي فيض حميد ۽ آصف سعيد کوسا ڇو نه پيا ڳالهائين، هن چيو ته   ڪنهن جي دٻاءُ ۾ اچي دهشتگردن جي ونگ ۽ پيٽرول بم اڇلائيندڙن سان ڳالهيون ڪرڻ ملڪي دفاع سان سودي بازي ڪرڻ آهي، ڪچي ۾ توهان راڪيٽ لانچر جو مقابلو ڪيو ۽ پيٽرول بم جو مقابلو نه ڪري سگهو، اها وفاقي حڪومت جي نه پر ادارن ۾ ويٺل ماڻهن جي ذميواري آهي، هن چيو ته ڇا آئين ۽ قانون جو نفاذ رڳو 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ ۾ آهي؟ عالمي طاقتن جي ونگارين سان ڪڏهن به ڳالهيون نه ٿينديون آهن، ملڪ کي ترقي رڳو نوازشريف وٺرائي سگهي ٿو.