ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) تجارت واري وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو آهي ته ملڪي سياست ۾ عمران خان ناڪام سياستدان ثابت ٿي ويو آهي، سندس پيش ڪيل اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون آهن, اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان جي سومرا هائوس تي ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي  ڪيو، هن چيو ته  اهو خواب نه ڏسڻ گهرجي ته هو  ٻيهر عوام جي ووٽن سان وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي سياست جي الف ب جي به خبر اڃان تائين پئجي نه سگهي آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ ڪا به ايمرجسي لاڳو نه ٿي آهي، حڪومت پنهنجو آئيني مدو هر حالت ۾ پورو ڪندي. هن چيو ته سنڌ کي تقسيم ڪرڻ جي ڳالھه قبول نه ٿي ڪري سگهجي.