عمران کي نيوٽرل امپائر پسند ڇو نه آهي؟

0
118
عمران خان تي پنجاب ۾ حملو ڪيئن ٿيو؟

بني گالا ويندڙ روڊ رستن تي خيمه قائم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، سخت گرميءَ کان بچڻ لاءِ بجليءَ جو بندوبست به ڪيو ويو آهي، هنن خيمن اندر پي ٽي آءِ جا ٽائيگرز عمران خان جي حفاظت جي لاءِ 24 ڪلاڪ موجود هرندا، هنن خيمن قائم ڪرڻ جو هڪ مقصد اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته عمران خان جي گرفتاريءَ جي خدشي سبب تحريڪ انصاف پاران اهو بندوبست ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته عمران خان جي گرفتاريءَ واري خدشي کان سواءِ لانگ مارچ يا ڌرڻي جي تياري وارا نقطه به انهن خيمه بستي قائم ڪرڻ جي پٺيان اهم ڪارڻ آهن. هن خيمه بستيءَ جي ذڪر سان عمران خان جي ڌرڻي وارا اهي ڏينهن ياد اچن ٿا جڏهن عمران خان جي ان وقت جي سياسي سئوٽ ڊاڪٽر طاهر القادري سپريم ڪورٽ ٻاهران قبرون کوٽائڻ شروع ڪيون هيون، ڊاڪٽر طاهر القادري سان ڪفن پوش ڪارڪن گڏ ڪيا هئا. هن چيو هو ته  پنهنجا جوتا ۽ جورابا به ڪئناڊا مان کڻي آيو آهي،

هاڻي هو واپس نه ويندو پر هو اهڙو واپس ويو جو وري نه آيو. هن پنهنجي سياست به ختم ڪري ڇڏي. ساڳيو لقاءُ عمران خان ان وقت به ڪيو هو جڏهن پرويز خٽڪ اسلام آباد کي لاڪ ڊائون ڪرڻ لاءِ پشاور کان وزيراعليٰ هوندي  نڪتو هو، جڏهن شيخ رشيد موٽر سائيڪل تي راولپنڊي ۾ پوليس کي حيران ڪري وڃي صدر واري پاسي پهتو هو، تڏهن عمران خان بني گالا جي گيٽ تي ورزش ڪرڻ جا ڪرتب ڏيکارڻ کان پوءِ احتجاج ختم ڪرڻ جو ئي اعلان ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري هينئر به ايئن لڳي پيو ته عمران خان ڪهڙو به يوٽرن وٺي سگھي ٿو. ان سڄي معاملي ۾ عمران خان جي قومي اسيمبليءَ مان استعيفيٰ ڏئي واپس اچڻ وارو عمل به ياد ڪري سگھون ٿا تنهن ڪري اسان لاءِ ماضي جي ياد عذاب ضرورو ٿي سگھي ٿي پر سياست جي سيني ۾ دل ناهي هوندي، ان ڪري ڪهڙو به يوٽرن ڪنهن به عذاب جي علامت ناهي هوندو.

عمران خان جو اهو سڄو عمل موجوده سسٽم تي دٻاءُ وجھڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي ته جيئن سسٽم عمران خان جي دٻاءَ ۾ اچي سندس مطالبا تسليم ڪري وٺي جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته عمران خان موجوده سسٽم کان انڪاري به هجي ها ۽ ان سسٽم ۾ ساڳين دليلن تي حصو به رکي ها؟ عمران خان کي مراد علي شاهه جي سنڌ ۾ حڪومت ڪڏهن به برداشت نه ٿي هئي، هو پنهنجي طرفان عمران اسماعيل کي ئي حڪمران سمجھندو هو، عمران خان هن وقت به چوي ٿو ته حمزه شهباز سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ پنهنجي اڪثريت وڃائي ويٺو آهي، ان ڪري استعيفيٰ ڏئي. عمران خان هر جلسي ۾ حمزه شهباز تي طنز ڪري رهيو آهي پر ساڳئي مراد علي شاهه ۽ حمزه شهباز جون پارٽيون جڏهن عمران خان خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ اڪثريت وڃائڻ تي استعيفيٰ جو مطالبو ڪنديون هيون تڏهن عمران خان کي اها پرڏيهي سازش لڳندي هئي. عمران خان کي پنهنجي خلاف آيل فيصلي تي سپريم ڪورٽ جو رات جو 12 هين وڳي کلڻ تي اعتراض هو، جڏهن ته ساڳئي عمران خان کي پنهنجي حق ۾ آيل فيصلي تي هاڻ خوشي آهي. حقيقت ۾ عمران خان اهڙو پاڪستان چاهي ٿو جنهن ۾ سمورو نظام سندس حق ۾ هجي، اليڪشن ڪيمشن جيڪڏهن هينئر ئي سندس حق ۾ فيصلا ڏيڻ شروع ڪري ته اليڪشن ڪميشن جو چيئرمين به مبارڪ باد جي لائق ٿي ويندو.

هونئن ته هر سياسي جلسي ۾ عمران خان اهي الزام نوازشريف تي لڳائيندو رهيو آهي ته نوازشريف هميشه امپائر پاڻ سان ملائي کيڏندو رهندو آهي پر هن وقت واري صورتحال ۾ عمران خان چوي ٿو ته نيوٽرل صرف جانور هوندا آهن، ان ڪري امپائر کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهي اسان سان گڏ آهن يا اسان جا مخالف آهن. ان نيوٽرل واري بحث تي واپس اچون ٿا پر هي جيڪو سپوريم ڪورٽ صدر جي اماڻيل ريفرنس جي حوالي سان فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته منحرف ميمبرن جا ووٽ ڳڻپ ۾ نه ايندا، سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي کان پوءِ حمزه شهباز جو گھيرو تنگ ٿي رهيو آهي، جڏهن ته عثمان بوزدار کان چوڌري پرويز الاهي به پنهنجي وزيراعليٰ ٿيڻ جا خواب ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ اليڪشن ڪميشن ۾ ساڳئي نوعيت جو فيصلو به محفوظ ٿيل هو.

اليڪشن ڪميشن ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي منحرف پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي ميمبر هجڻ جو حق ڏئي ڇڏيو هو ان ڪري جو قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن شهباز شريف کي نه ووٽ ڪيو هو نه ئي عمران خان خلاف عدم اعتماد جي ووٽ ۾ حصو ورتو هو، ان ڪري اليڪشن ڪميشن انهن جي حقن ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو پر پنجاب اسيمبليءَ جي 25 منحرف ميمبرن حمزه شهباز کي ووٽ ڪيو، جنهن ڪري انهن جي مستقبل جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ۾ محفوظ ٿيل آهي. هاڻي اليڪشن ڪميشن به سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ ئي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو فقط ان جو اعلان ٿيڻو هو هاڻي اهو محفوظ ٿيل فيصلو ساڳيو هوندو يا اهو تبديل ٿيندو اهو اليڪشن ڪميشن کي ئي خبر پر ان ۾ ايتري تبديلي ضرور آئي آهي ته اليڪشن ڪميشن جنهن فيصلي جي تاريخ جو اعلان ڪيو هو اها تاريخ تبديل ڪري ڇڏي آهي، هاڻي اهو فيصلو ٻن ڏينهن جي وقفي کان پوءِ اڄ شامل ٻڌايو پيو وڃي.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ پي ٽي آءِ جا وڪيل چون پيا ته سپريم ڪورٽ واضح طريقي سان چئي ڇڏيو آهي ته  حمزه شهباز کي  جن پي ٽي آءِ جي 25 ميمبرن ووٽ ڪيو آهي اهو ووٽ ڳڻپ ۾ شمار نه ٿيندا جنهن جو مقصد ته هاڻ حمزه شهباز وزيراعليٰ نه رهيو، جڏهن ته ن ليگ جا وڪيل چون ٿا ته صدر سپريم ڪورٽ ڏانهن منحرف ميمبرن بابت فقط راءِ يا تشريح گھري هئي، سپريم ڪورٽ تشريح ڪندي پنهنجي راءِ ڏني آهي، فيصلو ناهي ڏنو پر جيڪڏهن ان کي فيصلو به قرار ڏجي تڏهن به ان فيصلي تي عمل ڪڏهن کان شروع ٿيندو؟ جيڪڏهن ان تي عمل حمزه شهباز شريف جي ووٽن کان به شروع ڪجي تڏهن به هاڻ پنجاب جي گورنر کي حمزه شهباز کي اعتماد جي ووٽ وٺڻ لاءِ چوڻو آهي پر پنجاب ۾ ڪو گورنر آهي ئي ڪونه، چوڌري پرويز الاهي کي چيو ويو آهي ته گورنر جي غير موجودگيءَ سبب توهان قائم مقام گورنر جون ذميواريون سنڀاليو پر چوڌري پرويز الاهي انڪار ڪري ڇڏيو هو.

هاڻي چوڌري پرويز الاهي کي موقعو آهي ته هو اسپيڪر هئڻ جي حيثيت ۾ قائم مقام گورنر ٿي حمزه شهباز کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چوي ته جيئن حمزه جي حڪومت ختم ٿي وڃي پر چوڌري پرويز الاهي کي اها پڪ آهي ته پنجاب اسيمبليءَ ۾ جيڪا عدم اعتماد جي تحريڪ سندس خلاف جمع ٿيل آهي اسيمبلي جي اجلاس گھرائڻ سان ئي ڊپٽي اسپيڪر ان تي ووٽنگ ڪرائي چوڌري پرويز الاهي کي هٽائي نئون اسپيڪر سامهون آڻيندو جنهن سان پرويز الاهي نه اسپيڪر رهندو ۽ نه ئي گورنر، جيڪو نئون اسپيڪر ايندو اهو ئي گورنر جي غير موجودگيءَ ۾ گورنر ٿيندو، تنهن ڪري حمزه وڌيڪ مضبوط ٿي ويندو. پر جيڪڏهن اهو سڀ ڪجھه نه ٿو ٿئي تڏهن به ووٽن جي صورت ۾ جيڪو پهريون نمبر ووٽ کڻندو اهو وزيراعليٰ ٿيندو، ان حوالي سان به حمزه جا گھربل ووٽ نه به آهن پر موجود ووٽن ۾ پهرين نمبر تي ووٽ ان جا ئي آهن، چوڌري پرويز الاهي جا ووٽ ان کان گھٽ آهن.

هاڻي اهو ڏسجي ته اليڪشن ڪيمشن ڪهڙي پاسي فيصلو ٿي ڪري، انهن منحرف ميمبرن جي حق ۾ ٿي فيصلو ڪري يا انهن جي خلاف، ان جو اثر به نظر ايندو پر سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي جي نتيجي ۾ وفاقي حڪومت خلاف به آواز اچڻ شروع ٿي ويا ته حمزه سان گڏ شهباز شريف کي به استعيفيٰ ڏيڻ گھرجي، شهباز شريف سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان اڳ ئي لنڊن ياترا ڪري چڪو هو، ان حوالي سان اتحادين سان صلاح مشورا به مڪمل ڪري چڪو هو. ساڳي قومي اسيمبليءَ ۾ عمران خان وارن استعيفيٰ ڏني آهي پر انهن جي استعيفيٰ قبول به نه آهي، حڪومت چونڊ سڌارن کان پوءِ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪندي نظر اچي رهي آهي، جنهن جو مقصد ته يا ته عمران خان انهن چونڊ سڌارن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيندو يا نه ڏيندو جنهن جو گھڻو امڪان اهو آهي ته حڪومت سان عمران خان سهڪار نه ڪندو. اليڪشن ڪميشن منحرف ميمبرن بابت فيصلو ڪهڙو ٿي ڪري پر اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊون هن سال نٿا ڪرائي سگھون، ان معاملي ۾ اهي واضح آهن جنهن جو مقصد ته شهباز شريف وارن کي اهو دليل به پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ ملندو.

شهباز شريف ان دٻاءَ تي استعيفيٰ ڏيڻ بجاءِ مهانگائي جي حوالي سان ڏکيا فيصلا ڪرڻ وارو دٻاءُ کڻڻ واري پاسي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مطلب مهانگائيءَ جي صورت ۾ ڏکيو فيصلو به ڪبو، ساڳئي وقت حڪومت پنهنجو مدو به پورو ڪندي. ملڪ جي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل به آءِ ايم ايف سان ڳالهيون شروع ڪيون آهن، ٿي سگھي ٿو ته آءِ ايم ايف شهباز شريف حڪومت جي ڳالهه تسليم ڪري جنهن سان شهباز شريف کي رليف ملي سگھي ٿو ، ٻي صورت ۾ مهانگائي سان گڏ عمران خان کي به منهن ڏيڻو پوندو، ان ڪري ئي عمران خان به ان انتظار ۾ آهي ته حڪومت کي آءِ ايم ايف به رليف نه ڏئي، ٻئي طرف مهانگائي به حڪومت ڪري ته ان وقت اسلام آباد کي لاڪ ڊائون ڪجي، عمران خان کي هينئر ڪي پي  حڪومت آهي، پنجاب تي ويڙهه هلي ٿي، سينيٽ ۾ اهي موجود آهن، صدر انهن جو آهي، ادارا ڪڏهن وڻن ٿا ڪڏهن نٿا وڻن.

عمران خان جيتوڻيڪ پنهنجو ماحول گرم ڪري ڇڏيو آهي، مئي جي آخري هفتي ۾ لانگ مارچ جي ڳالهه به ڪري چڪو آهي، عمران خان جي سينيئر قيادت وٽ اهو خيال به آهي ته جيڪڏهن ويڙهه بجاءِ  هڪ سال جي اندر چونڊ جو اعلان ٿي وڃي ٿو ته سڀ ڪجھه وڃائڻ کان بهتر آهي ته اهو قبول ڪجي پر پي ٽي آءِ جو مقصد فوري چونڊون آهن، ان ڪري عمران خان هينئر ادارن کي نشاني تي رکيو آهي، سپريم ڪورٽ تي في الحال تنقيد نه پيو ڪري پر اسٽيبلشمينٽ کان اليڪشن ڪميشن تائين عمران خان جي نشاني تي آهن. عمران خان روز مير جعفر، مير صادق چوندو ٿو رهي پر وري چوي ٿو ته اهو مان شهباز کي چئي رهيو آهيان، پر حقيقت ۾ جن کي چوي پيو اهي به سمجھن ٿا. هاڻ ته اسد عمر به چيو آهي ته اهو دور ناهي جو چيو ويندو هو ته نواب اڪبر بگٽي کي اهڙو هٽ ڪنداسين جو ڪنهن کي به خبر نه پوندي، نواب اڪبر بگٽيءَ کان پوءِ وارو بلوچستان هينئر تائين ناهي سنڀاليو، اسد عمر اهو ڪنهن کي چئي رهيو هو.

عمران خان جيڪا وڊيو رڪارڊ ڪرائي رکي آهي ان ۾ وڌيڪ ڇا هوندو، عمران خان خط به ڏيکاري چڪو، آمريڪا جو ذڪر به ڪري پيو، آصف زرداري، شهبازشريف ۽ مولانا فضل الرحمان جو حوالو به ڏئي پيو، کلئي عام جلسن ۾ زهر جي طريقي سان هارٽ اٽيڪ جو ذڪر به ڪري پيو، باقي وڊيو ۾ ڇا هوندو؟ عمران خان جي قيادت بار بار عمران خان جي زندگيءَ کي خطرو آهي واري جملي کان ويندي هاڻ نواب اڪبر بگٽي جي ذڪر تائين معاملي کي ڇو کڻي آئي آهي، شهباز شريف واري حڪومت ان معاملي جو نوٽيس به وٺي رهي آهي ته عمران خان جي سيڪيورٽي وڌائڻ جو فيصلو به ڪيو آهي، اسد عمر به چوي پيو ته عمران خان جي سيڪيورٽي حڪومت جو ذمو آهي پر اهڙي حڪومت جي اڳواڻن تي الزام به پي ٽي آءِ وارا لڳائي رهيا آهن ته اهي سازش جو حصو آهن. هينئر عمران خان وارا ٻڌائين ته ڪير آهي جيڪو سازش ۾ شامل ناهي، عمران خان جي نظر ۾ ته سڀ سندس خلاف ٿي بيٺا آهن، عمران خان جنهن بيانيي کي کڻي ايترو اڳتي نڪري چڪو آهي جو هاڻ شهباز شريف جي ڪابينا جا اجلاس هجن، غير ملڪي دورا هجن، حڪومت جي ترجمان مريم اورنگزيب جا بيان هجن، اهي سڀ بي معنيٰ لڳي رهيا آهن.

عمران خان جي بيانيي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪو گس نظر نٿو اچي، ان جو هڪ سبب اهو آهي جو عمران خان هينئر مخالف ڌر ۾ آهي، باقي سڀ حڪومت جو حصو آهن، حڪومت ۾ هوندي احتجاجي تحريڪ هلائڻ يا جلسا جلوس ڪرڻ حڪومت جي ايجنڊا ناهي هوندي يا اها تحريڪ عوامي مقبوليت به حاصل ڪري ناهي سگھندي. ان ڪري مسلم ليگ ن سمجھي ٿي ته عمران خان جي بيانيي جو مقابلو ڪرڻ جو وقت ناهي، اهو وقت جڏهن آيو تڏهن مريم نواز ۽ نواز شريف ميدان ۾ هوندا، جڏهن نواز شريف جي واپسي جو اعلان ٿيندو، تڏهن شهباز ۽ حمزه جي ڪارڪردگي ايئن وسري ويندي جيئن هينئر عمران خان جي ڪارڪردگي وسري وئي آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ جنهن انداز سان اسٽيبلشمينٽ کي نشانو بڻائي رهي آهي، اهو بلڪل ايئن آهي جيئن اڳ شيخ رشيد جھڙا اڳواڻ عمران خان کي پريس ڪانفرنس کان ويندي ڪابينا جي اجلاس تائين صلاحون ڏيندا هئا ته جهانگير ترين سان جھيڙو نه ڪيو پر عمران خان اها ڳالهه تسليم نه ڪئي، هينئر به شيخ رشيد کان چوڌري پرويز الاهي تائين عمران خان کي صلاحون ڏئي رهيا آهن ته اسٽيبلشمينٽ کي نشانو نه بڻايو، اسٽيبلشمينٽ پاڻ به پريس بيان کان ويندي پريس ڪانفرنس تائين پنهنجو موقف ڏئي ڇڏيو آهي ته اسان کي سياست ۾ نه آڻيو پر عمران خان سميت   سموري قيادت هينئر اسٽيبلشمينٽ کي نشاني تي آڻي ڇڏيو آهي، رڳو ان ڪري جو عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل نه گھرجي.